Monday, 26 December 2016

کپرو(رپورٽر:-شھبازشر)کپرو سميت سنڌ جي مختلف مياڻين تي پرديس پکين جو شڪار جاري،سڄاڻ ڌرين پاران مذمت مھمان پکين جي غيرقانوني شڪار تي ڪابہ ڪاروائي نٿي کلي عام مارو ھلندڙ


پکين کي تحفظ ڏيڻ بدران انھن جو کلي عام مارو ڪيو پيو وڃي:سڄاڻ ڌريون
سنڌ جي ڪيترنئي شھرن ۾ اھم تفريحن ۽ تاريخي ڍنڍن تي آيل پرديسي پکين جي وڏي پيئماني تي مارو جاري آھي،شڪاري معصوم پکين کي ڄاري ۽ رچن ذريعي ڦاسائي انھن جا کنڀ ۽ ڇير ڀڃي وڪري لاءِ کلي عام کڻي روڊن تي وڪرو ڪري رھيا آھن پر انھي جي باوجود بہ وائلڊ لائيف کاتو ڄڻ اگھور ننڊ ستل آھي. مھمان پکين جو غير قانوني شڪار ڪندڙن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ جي لاءِ تيار بہ نہ آھي. ڪينجھر ڍنڍ سميت سنڌ جي ڪيترنئي ننڊن وڏين ڍنڍن تي سياري جي موسم شروع ٿيڻ کانئي وٺي پرديس مان آيل مھمان پکين جو شڪار ڪيو پيو وڃي. خادم حسن شر، شاعر غلام رسول، اديب معصوم مصطفٰى ڪنڀر ۽ ٻين چيو تہ مختلف ملڪن مان ايندڙ مھمان پکين کي تحفظ ڏيڻ بدران انھن کي کلي عام ماري وڪرو ڪيو پيو وڃي. ھنن چيو تہ شڪاري کلي عام رچن ۽ ڄارين ذريعي مھمان پکين جو شڪار ڪري کين پڪڙڻ بعد انھن جا کنڀ ۽ ڄنگھون ڪٽي ايزائي کين درجنن جي حساب سان روڊن ۽ رستن تي کڻي کلي عام وڪرو ڪري رھيا آھن جيڪو انتھائي مذمت جوڳو عمل آھي.ھنن گھر ڪئي تہ فوري طور تي مھمان پکين جو شڪار ۽ قتل عام بند ڪري انھن جو شڪار ڪندڙ ماڻھن جي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. ٻئي صورت ۾ ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو