Tuesday, 10 January 2017

حيدرآباد ۾ هڪ گھر مان پنج ڄڻن جا لاش هٿ 12 ڪلاڪ پهرين تبصرو ڪيو

حيدرآباد ۾ هڪ گھر مان پنج ڄڻن جا لاش مليا آهن. حيدآباد جي پٺاڻ ڪالوني واري علائقي ۾ هڪ گھر مان پنج ڄڻن جا لاش مليا آهن لاش زال، مڙس ۽ ٻارن جا آهن. هٿ آيل لاشن ۾ ٻارن جي ڄمار ٻن کان 5 سالن جي وچ ۾ آهي. اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ ورتا ۽ سول اسپتال متنقل ڪري ڇڏيا. اڃا تائين واقعي جي خبر نه پئجي سگھي آهي.

قنڌار ۾ ڌماڪو، گڏيل عرب امارتن جو سفير زخمي

افغانستان ۾ بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ گڏيل عرب امارتن جو سفير زخمي ٿي  پيو آهي. ان سلسلي ۾ عرب ميڊيا جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته افغانستان جي ڏاکڻي شهر قنڌار ۾ بم ڌماڪو ٿيو آهي، ڌماڪي ۾ گڏيل عرب امارتن جو سفير ۽ هڪ گورنر زخمي ٿي پيا آهن. زخمين ۾ عام شهري به ٻڌايا پيا وڃن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

افغانستان ۾ آپگھاتي ڌماڪا، پارليامينٽ ميمبرن سميت 38 ڄڻا مارجي ويا

افغانستان جي راڄڌاني ڪابل ۾ پارليامينٽ هائوس ڀرسان هڪ ٻئي پويان ٻن آپگھاتي ڌماڪن جي نتيجي ۾ 38 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا. مارجي ويلن ۾ پارليامينٽ ميمبر، سيڪيورٽي فورسز ۽ انٽيلي جنس ايجنسين جا ڪيترائي ميمبر پڻ شامل آهن. جڏهن ته افغان طالبان  ڌماڪن جي ذميواري قبولي ورتي آهي. ڪابل ۾ پارليامينٽ جي عمارت ويجھو هڪ ٻئي پويان ٻه آپگھاتي حملا ڪيا ويا. آپگھاتي بمبار پاڻ کي ان وقت ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو جڏهن ماڻهن جو وڏو انگ موڪل ڪري پارليامينٽ مان ٻاهر نڪري رهيو هو. افغانستان جي صحت کاتي جي سينئر عهديدار سليم رسولي ڌماڪن ۾ 38 ڄڻن جي مارجي وڃڻ ۽ 80 کان وڌيڪ جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.