Monday, 7 November 2016

وزيراعظم پاران ملڪ ۾ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ اڌ ڪرڻ جون هدايت جاري

وزيراعظم نواز شريف سڀاڻي کان سڄي ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ اڌ ڪرڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي، وزيراعظم نواز شريف پاڻي ۽ بجليءَ واري سيڪريٽري کي اثرائتي ڪميٽي جوڙڻ جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو آهي، وزيراعظم جي حڪم کان پوءِ سڀاڻي کان شهري علائقن ۾ 3 ڪلاڪ جڏهن ته ڳوٺاڻن علائقن ۾ 4 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي ويندي.36

وڏي وزير جي آفيسرن کي غير قانوني گاڏيون واپس ڪرڻ جو هدايت، 24 ڪلاڪن جي مهلت

سنڌ جي وڏي وزير سيد وڏي وزير جي آفيسرن کي غير قانوني گاڏيون واپس ڪرڻ جو هدايت، 24 ڪلاڪن جي مهلتمراد علي شاهه سڀني آفيسرن ۽ اڳوڻن وزيرن کي غير قانوني گاڏيون جلد واپس ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، وڏي وزير هدايت جاري ڪندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت جو آفيسر جيڪڏهن سنڌ ۾ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ غير قانوني طريقي سان گاڏي رکي ويٺو آهي ته جيڪڏهن هو واپس نه ڪندو ته کيس سرنڊر ڪندس. سڀني آفيسرن ۽ اڳوڻن وزيرن ۽ ٻين آفيسرن کي 24 ڪلاڪ ڏيان ٿو گاڏيون واپس ڪن. 24 ڪلاڪن کانپوءِ  انهن خلاف ميجسٽريٽ ذريعي ڇاپو هڻائي گاڏيون واپس ورتيون وينديون. وڏي وزير چيف سيڪريٽري سنڌ کي هدايت ڪئي ته جلد گاڏيون واپس ڪرائي ۽ انهي حوالي سان سرڪلر پڻ  جاري ڪيو وڃي. وزير، صلاحڪار، خاص مددگار ۽ آفيسر جيڪڏهن بغير نمبر پليٽ واريون گاڏيون هلائيندا ته ڪارروائي ڪئي ويندي، وڏي وزير، چيف سيڪريٽري سنڌ کي واضح هدايت ڪئي ته گاڏيون واپس ڪندي مونکي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. جڏهن ته 179 پراڻيون سرڪاري گاڏيون نيلام ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ڀارتي فورسز جي ايل او سي تي بنا سبب فائرنگ، پوليس اهلڪار سوڌو 2 ڄڻا شهيد

مظفرآباد: ڀارتي فورسز هڪ ڀيرو ٻيهر جنگبندي جو ڀڃڪڙي ڪندي ايل او سي تي فائرنگ ڪري هڪ پوليس اهلڪار سوڌو 2 ڄڻن کي شهيد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. ميڊيا رپورٽن موجب ڀارتي فورسز لائن آف ڪنٽرول تي مطفرآباد جي ڪوٽلي نڪيال سيڪٽر ۾ ڳوٺ بائي دڙه ۾ بنا سبب فائرنگ ڪئي، جنهن جي وڪڙ ۾ اچي پوليس ڪانسٽيبل امتياز ۽ بزرگ شهري محمد سفير شهيد، جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين جي سڃاڻپ سيد محمد، ملڪ بشير ۽  4 سالن جي ٻار مهروز شامل آهن. ڀارتي فورسز پاران پونڇ، بٽل، مدارپور ۽ دره شير خان ۾ به ڳرن هٿيارن جو آزادانه استعمال ڪيو ويو، جنهن ۾ 6 ڄڻا زخمي، جڏهن ته 25 گهر ۽ 3 گاڏيون تباهه ٿي ويون، پاڪ فوج پاران ڀارتي اڳرائي جو ڀرپور جواب ڏنو پيو وڃي.

Sunday, 6 November 2016

ڪوئٽا ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، پابندي مڙهيل تنظيم جو ڪمانڊر گرفتار


سي ٽي ڊي ڪوئٽا ايئرپورٽ روڊ تي ڪارروائي ڪندي پابندي مڙهيل تنظيم جي ڪمانڊر کي گرفتار ڪري ورتو آهي، سي ٽي ڊي اختيارن موجب ايئرپورٽ روڊ تي ڪارروائي ڪندي هڪ ڪمپائونڊ تي ڇاپو هنيو ويو، جنهن دوران پابندي مڙهيل تنظيم جي ڪمانڊر کي گرفتار ڪيو ويو، گرفتار دهشتگرد جي قبضي مان هٿيار، ڌماڪيدار مادو، فوجي ورديون ۽ پابندي مڙهيل لٽريچر هٿ ڪيو ويو، جڏهن ته گرفتار دهشتگرد کي وڌيڪ پڇا ڳاڇا لاءِ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.

پاڪستان ۾ هر سال هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهو سگريٽ ڇڪڻ سبب فوت ٿي وڃن ٿا : ڊبليو ايچ او

صحت جي عالمي اداري ورلڊ هيلٿ آرگنائزيشن (ڊبليو ايڇ او) پاران چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ هر سال اٽڪل هڪ لک 8 هزار ماڻهو سگريٽ ڇڪڻ سبب موت جو بَکُ بڻجي وڃن ٿا. فوت ٿيندڙ ماڻهن جي اڪثريت دل جي بيماري سبب زندگي جي بازي هارائي ويهي ٿي. ڊبليو ايڇ او جي تازي رپورٽ موجب سگريٽ ڇڪڻ جي ناڪاري اثرن سبب سگريٽ نه ڇڪيندڙ ماڻهو به اوترو ئي متاثر ٿيندا آهن. ڊبليو ايچ او پنهنجي رپورٽ ۾ تجويز پيش ڪئي آهي ته سگريٽن جو انگ گهٽائڻ لاءِ جامع حڪمت عملي تحت وڌيڪ قدمن جي گهرج آهي

آءِ جي سنڌ حيدرآباد ۾ شراب وڪرو ٿيڻ وارين خبرن جو نوٽيس ورتو، تفصيلي رپورٽ طلب


انسپيڪٽر جنرل سنڌ پوليس اي ڊي خواجه حيدرآباد شهر جي مختلف علائقن ۾ شراب سر عام وڪرو ٿيڻ جي حوالي سان ميڊيا تي آيل خبرن جو سختي سان نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي حيدرآباد کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي . سنڌ پوليس جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب آءِ جي سنڌ هدايتون جاري ڪيون آهن ته فوري طور تي قانوني ڪارروائي ڪري شراب جو وڪرو بند ڪرايو وڃي ۽ ملوث عناصرن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي