مظفرآباد: ڀارتي فورسز هڪ ڀيرو ٻيهر جنگبندي جو ڀڃڪڙي ڪندي ايل او سي تي فائرنگ ڪري هڪ پوليس اهلڪار سوڌو 2 ڄڻن کي شهيد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. ميڊيا رپورٽن موجب ڀارتي فورسز لائن آف ڪنٽرول تي مطفرآباد جي ڪوٽلي نڪيال سيڪٽر ۾ ڳوٺ بائي دڙه ۾ بنا سبب فائرنگ ڪئي، جنهن جي وڪڙ ۾ اچي پوليس ڪانسٽيبل امتياز ۽ بزرگ شهري محمد سفير شهيد، جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين جي سڃاڻپ سيد محمد، ملڪ بشير ۽ 4 سالن جي ٻار مهروز شامل آهن. ڀارتي فورسز پاران پونڇ، بٽل، مدارپور ۽ دره شير خان ۾ به ڳرن هٿيارن جو آزادانه استعمال ڪيو ويو، جنهن ۾ 6 ڄڻا زخمي، جڏهن ته 25 گهر ۽ 3 گاڏيون تباهه ٿي ويون، پاڪ فوج پاران ڀارتي اڳرائي جو ڀرپور جواب ڏنو پيو وڃي.
No comments:
Post a Comment