Thursday, 29 September 2016
Wednesday, 28 September 2016
Tuesday, 27 September 2016
Monday, 26 September 2016
Sunday, 25 September 2016
اسان جي معاشري ۾ عورت پنھنجي حقن کان محروم ڇو؟
اسان جي معاشري ۾ عورت پنھنجي حقن کان محروم ڇو؟
شھبازشر/سنڌڙي
اسان جي ھن معاشري ۾ ڪيتريئي وقت کان عورت پنھنجي حقن کان محروم آھي ،ھن اڻسدريل معاشري ۾ عورت کي پنھنجو حق نٿو ڏنو وڃين ، ھن معاشري ۾ جيڪو ڪجھ آھي اھو مرد آھي باقي عورتن جي حقن جو ڪو نالو نشان بہ ڪونھين.
ڪنهن به ملڪ جي سياسي طور تي طاقتور عورت پنهنجي ملڪ جي ترقيءَ ۾ حصو وٺي سگهي ٿي. اسين به جڏهن پنهنجي هن سماج ۾ ان قسم جي تبديليءَ کي ڀليڪار ڪنداسين ۽ عورت جي شرڪت کي يقيني بنائينداسين ته پوءِ اسان کي به ترقيءَ کان ڪير روڪي نه سگهندو.معاشري ۾ صنفي برابري لاءِ ضروري آهي ته عورتن جي قانوني مدد ڪئي وڃي، انهن جي حقن لاءِ قانون سازي ڪئي وڃي. عوامي راءِ کي تبديل ڪرڻ لاءِ ڊگهي مدي واريون پاليسيون ٺاهيون وڃن ته جيئن عورتون انهن سڀني وسيلن جي سهڪار سان پنهنجو آواز بلند ڪري سگهن ۽ پاليسي ساز ادارن تي اثرانداز ٿي سگهي. ان سان گڏوگڏ پارٽيون پنهنجي پاليسين ۾ سڌارا آڻين. عورتن کي ماڊرن ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال ڪرڻ لاءِ سکيا ڏني وڃي. آفيسن ۾ ڪم ڪرڻ وارين عورتن جو انگ وڌايو وڃي. سياسي پارٽيون پنهنجي تربيتي پروگرامن ذريعي پنهنجي عورت ڪارڪنن کي تيار ڪري اڳتي اسيمبلين تائين پهچائي سگهن ٿيون.• عورتن کي وسيلن تائين پهچ ۽ انهن تي اختيار هجڻ گهرجي.
• عورتن کي چرپر جي آزادي هجڻ گهرجي.
• هوءَ پنهنجو پاڻ کي تشدد کان بچائڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ ۾ آزاد هجڻ گهرجي.
• فيصلي ڪرڻ جي آزادي هجڻ کپيس خاص طور تي پنهنجي خاندان وٽ.
• سماج ۾ هن کي پنهنجي حقن وٺڻ لاءِ آواز اٿارڻ جي ۽ پاليسين تي اثرانداز ٿيڻ جو حق هجڻ گهرجيس.
عورت جي ترقي ڪرڻ سان اسان جو ملڪ خوشحال ۽ ڪنڌڙ ملڪن جي لسٽ ۾ شامل ٿي سگھي ٿو
Thursday, 22 September 2016
چوٽياريون جي صحافي علي اڪبر ڪيريو جي وڇوڙي کي سال گذري ويو شھبازشر/سنڌڙي
چوٽياريون جي صحافي علي اڪبر ڪيريو جي وڇوڙي کي سال گذري ويو
شھبازشر/سنڌڙي
چوٽياريون جي صحافي ۽ اسان جي پياري دوست علي اڪبر ڪيريو جي وڇوڙي کي سال گذرڻ باوجود بہ صحافي جا قاتل گرفتار نہ ٿي سگھيا پوليس پھرين جيان ھاڻي بہ خاموش بڻيل آھي.ڪجھ ڏينھن پھرين مون ھڪ اخبار مان خبر پڙھي تہ حيدرآباد مان ھڪ وڏي زميندار جو ڪڪڙ چوري ٿي ويو ھو چئن پنجن حدن جي پوليس حيدرآباد پھچي گڏجي ڪري ان ڪڪڙ جي ڳولا لاء سرچ آپريشن شروع ڪري ڏنو ۽ سڄو ڏينھن ان ڪڪڙ جي ڳولا ڪنڌي رھي ۽ نيٽ اھُو ڪڪڙ ھڪ پڃري مان ھٿ اچي ويو خدا خير ڪري جنھن پوليس سڄو ڏينھن ڪڪڙ جي ڳولا ڪئي آھي ان پڪڙيل چور سان ڪھڙي حالت ڪئي ھوندي يا تہ ان چور ڪجھ پيسا ڏئي جان ڇھڏائي ڇڏي ھونڌي.
ان مان ظاھر ٿئي ٿو تہ اسان جي پوليس جڏھن پنھنجي تي اچي ٿي تہ ڪجھہ بہ ڪري سگھي ٿي.اڄ کان سال پھرين بيگناھ قتل ٿيل صحافي سوڀ اخبار جي رپورٽر علي اڪبر ڪيريو جا قاتل پوليس اڃان تائين گرفتار ڪرڻ ۾ بري طرح ناڪام ٿي وئي آھي،الاء پوليس ڏوھارين سان مليل آھي، الاء پوليس کي ڏوھارين جي اڃا تائين خبر نہ پئجي سگھي آھي، صحافي جي قتل کي سال گذرڻ باوجود بہ اڃا تائين نہ صحافي ڳالھ سمجھي سگھيا آھن ۽ نہ وري ٻئي عوام سمجھي سگھي ،صحافين جو ڪم آھي خبرون ھلائڻ ان تي عمل ڪرڻ ۽ ڪرائڻ ڪم آھي اسان جي اعليٰ عملدارن جو،صحافي علي اڪبر جي قاتلن خلاف سنڌھ جي صحافين ھر ننڊي وڏي شھر ۾ ڌرڻا ھنيا پر صحافي واچارا اڃا وڌيڪ ڇا ٿا ڪري سگھن.ھاڻي سوال اھُو جاڳي پيو آھي تہ پوليس صحافي جا قاتل گرفتار ڇو نہ ٿي ڪري؟
Tuesday, 20 September 2016
سنڌي ڊرامن جي اداڪاران جي ڪا سارسنڀاڪ لڌي وڃين
سنڌي ڊرامن جي اداڪارن جي سارسنڀال لڌي وڃين
شھبازشر/سنڌڙي
سنڌھ جي تھذيب اڄ کان 5000 ھزار سال پراڻي آھي.ھن سنڌھ تي ڪلھوڙا ،سومرا ،مغل،سمان ۽ ٻيا ڪيترائي راڄ قائم ٿيا،پر انھن جي تھذيب تي ٽھيل ڊرامن جي ڪا ويليو بہ ڪونھين،سنڌي ڊرامہ ٽاھيندڙ اداڪار کي صرف چينلن جي طرفان ڪجھ پيئسا ملندا آھن باقي سنڌھ حڪومت طرفان ادڪارن جي ڪابہ سارسڀال نٿي لڌي وڃين،سنڌي ڊرامہ ٽاھيندڙ اداڪارن ھيتري ھيتري تائين تمام بھترين ۽ ناليوارن ماڻهن تي فلم ٽاھيا آھن جن ۾ ھوشو ،عمرمارئي ،ليلى مجنو ،شاھ عبداللطيف ،سچل سرمست ، ۽ ٻين ڪيترنئي جي زندگي تي قصا ۽ ڪھاڻيون لکيون ۽ ويڊيو ذريعي ٽاھيون آھن.انھن کان علاوه ٻيا ڪيترائي ڊرامہ جن ۾ پٿر دنيا ،پنھنجا پراوا ، ڪارو سج ، مٽي جا ماڻھون ،پٿر جا ماڻھون درياء پار، اڪبر خان،خان بلوچ، دودو خان، اڄ جو وتايو،ھٿين لاھيو مينڌي ،الله بادشاھ ، ڪنڊن جي سيج ۽ ٻيا ڪيترائي ڊرامہ مشھور آھن،سنڌي اداڪار مسلسل ڪيترائي ڊرامہ ٽاھيندا رھيا آھن۔
جيڪڏھن ڪو انڊيا جو نئون فلم ٽھندو آھي تہ اھو فلم ٽاھيندڙ ادڪارن کي حڪومت طرفان ڪيتروئي انعام ملندو پر سنڌھہ جي تھذيب تي فلم ٽاھيندڙ اداڪار جيڪڏھن بيمار ٿي پوندا آھن تہ انھن جو علاج حڪومت نہ ڪرائيندي آھي.
اسان خاص ڪري سنڌھ حڪومت کي عرض ٿا ڪريون تہ سنڌي ادڪارن جو خاص خيال رکيو وڃين ۽ ھر ٽھندڙ فلم تي انھن کي انعام ڏنو وڃين، جيئن اداڪار سنڌي ڊرامہ ٽاھڻ ۾ شھرت رکن.
ڀارت کي پاڪستان سان جنگ ڪرڻ جو اشعارو ملي ويو
ڀارت کي پاڪستان سان جنگ ڪرڻ جو اشعارو ملي ويو
شھبازشر/سنڌڙي
ڪشمير ۾ ٿينڌڙ ڀارتي فوج جي ڪيئمپ تي حملي جو قرار ڀارت پاڪستان کي ڏئي ڇڏيو آھي.ڀارت جي ڪيترنئي وزيرن چيو آھي تہ اھو حملو اسان تي پاڪستان ڪيو آھي، ڀارت اھين نٿي سمجھي تہ ڪيتريئي وقت کان اسان مظلوم ڪشميرن تي ظلم ڪري رھيا آھيون اھو حملو اسان کان مظلوم ڪشميرن جو بدلو آھي.ڀارتي فوجين تي ٿيڻ کانپوء ھاڻي پاڪستان کي پنھنجو خاص خيال رکڻ گھرجي،ڇو جو ڀارت ھاڻي حملي جي تياري لاء پنھنجي فوجن تي خاص ٽرينگ شروع ڪري ڇھڏي آھي، باقاعده پاڪستان تي حملي جي لاء ڀارتي فوجن جون ٽرينگ ڪئمپون لڳايون ويون آھن، ڀارت ۾ اسان جي ملڪ تي حملي جون ڪئمپون پيون لڳن ۽ اسان جا حڪمران ھڪ ٻئي تي ڪرپشن جا الزام ھڻڻ ۾ پورا آھن، مون ڪالھ ڀارت جي ھڪ ويب سائٽ تان ھڪ بيان پڙھيو تہ ڀارتي فوج جي سربراه جو پنھنجي فوج کي چوڻ ھوتہ اوھان ھر وقت تيار رھو جيئن اوچتو پاڪستان سان جنگ ڪرڻ ۾ ڪا ڏکيائي پيش نہ اچي.ان مان ٿئي ٿو تہ ڀارت پاڪستان جنگ جي لاء بلڪل تيار آھي ڪڏھن ۽ ڪھڙي بہ وقت اسان تي دشمن ملڪ ڪڙڪي سگھي ٿو،آئون اسان جي سڀني حڪمرانن کي عرض ڪندس تہ ھن ڏکي وقت ۾ سڀ پارٽيون پنھنجا اختلاف ختم پاڻ ۾ ھڪ ٿي وڃن جيئن اسان سڀ ھن ڏکئي وقت ۾ گڏجي دشمن کي منھن ڏئي سگھون
Saturday, 17 September 2016
فلپائن جي صدر جي امريڪا کي پنھنجي ملڪ مان فوج ڪڍڻ جي ڌمڪي
فلپائن جي صدر جي امريڪا کي پنھنجي ملڪ مان فوج ڪڍڻ جي ڌمڪي
شھبازشر/سنڌڙي
ھي اعلان فلپائن جي صدر پنھنجي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تہ امريڪا جي فوجين کي اسان جي ملڪ مان نيڪالي ڏني وڃين، ھڪ تمام بھترين اعلان آھي،ھڪ ننڊي ملڪ ظلم سھندڙ جي ظالم ملڪ ۽ دنيا جي وڏي آبادي رکندڙ ملڪ کي پھرين وڏي ڌمڪي آھي.فلپائن جي صدر جي اھا ڳالھ ڪرڻ تي آمريڪا کي اعتبار بہ نہ آيو آھي،ھڪ ننڊي ملڪ ۽ گھٽ طاقت رکندڙ ملڪ جي وڏي ملڪ کي پھرين وڏي ڌمڪي آھي.
اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ بہ دشمن ۽ يھودي ملڪ امريڪا جا ڪيترائي فوجي ۽ جھاز پاڪستان ۾ موجود آھن،انھن کي بہ اسان جي ملڪ پاڪستان مان نيڪالي ڏني وڃين ٻئي صورت ۾ امريڪا اسان جي ملڪ تي ڪڏھن ۽ ڪھڙي بہ وقت حملو ڪري سگھي ٿي.
ھن وقت تہ پاڪستان ۽ امريڪا جا تعلقات بھتر آھن پر ڪڏھن بہ خراب ٿي سگھن ٿا،فلپائن جي صدر اھو اعلان ان وقت کانپوء ڪيو جڏھن اڳين ھفتي امريڪي صدر بارڪ اوباما لائوس ۾ ايشيا پيسفڪ جي رھنمائن جي سربراھي ۾ اجلاس جي موقعي تي فلپائن جي صدر سان ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ھو