فلپائن جي صدر جي امريڪا کي پنھنجي ملڪ مان فوج ڪڍڻ جي ڌمڪي
شھبازشر/سنڌڙي
ھي اعلان فلپائن جي صدر پنھنجي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تہ امريڪا جي فوجين کي اسان جي ملڪ مان نيڪالي ڏني وڃين، ھڪ تمام بھترين اعلان آھي،ھڪ ننڊي ملڪ ظلم سھندڙ جي ظالم ملڪ ۽ دنيا جي وڏي آبادي رکندڙ ملڪ کي پھرين وڏي ڌمڪي آھي.فلپائن جي صدر جي اھا ڳالھ ڪرڻ تي آمريڪا کي اعتبار بہ نہ آيو آھي،ھڪ ننڊي ملڪ ۽ گھٽ طاقت رکندڙ ملڪ جي وڏي ملڪ کي پھرين وڏي ڌمڪي آھي.
اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ بہ دشمن ۽ يھودي ملڪ امريڪا جا ڪيترائي فوجي ۽ جھاز پاڪستان ۾ موجود آھن،انھن کي بہ اسان جي ملڪ پاڪستان مان نيڪالي ڏني وڃين ٻئي صورت ۾ امريڪا اسان جي ملڪ تي ڪڏھن ۽ ڪھڙي بہ وقت حملو ڪري سگھي ٿي.
ھن وقت تہ پاڪستان ۽ امريڪا جا تعلقات بھتر آھن پر ڪڏھن بہ خراب ٿي سگھن ٿا،فلپائن جي صدر اھو اعلان ان وقت کانپوء ڪيو جڏھن اڳين ھفتي امريڪي صدر بارڪ اوباما لائوس ۾ ايشيا پيسفڪ جي رھنمائن جي سربراھي ۾ اجلاس جي موقعي تي فلپائن جي صدر سان ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ھو
Saturday, 17 September 2016
فلپائن جي صدر جي امريڪا کي پنھنجي ملڪ مان فوج ڪڍڻ جي ڌمڪي
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
No comments:
Post a Comment