چوٽياريون جي صحافي علي اڪبر ڪيريو جي وڇوڙي کي سال گذري ويو
شھبازشر/سنڌڙي
چوٽياريون جي صحافي ۽ اسان جي پياري دوست علي اڪبر ڪيريو جي وڇوڙي کي سال گذرڻ باوجود بہ صحافي جا قاتل گرفتار نہ ٿي سگھيا پوليس پھرين جيان ھاڻي بہ خاموش بڻيل آھي.ڪجھ ڏينھن پھرين مون ھڪ اخبار مان خبر پڙھي تہ حيدرآباد مان ھڪ وڏي زميندار جو ڪڪڙ چوري ٿي ويو ھو چئن پنجن حدن جي پوليس حيدرآباد پھچي گڏجي ڪري ان ڪڪڙ جي ڳولا لاء سرچ آپريشن شروع ڪري ڏنو ۽ سڄو ڏينھن ان ڪڪڙ جي ڳولا ڪنڌي رھي ۽ نيٽ اھُو ڪڪڙ ھڪ پڃري مان ھٿ اچي ويو خدا خير ڪري جنھن پوليس سڄو ڏينھن ڪڪڙ جي ڳولا ڪئي آھي ان پڪڙيل چور سان ڪھڙي حالت ڪئي ھوندي يا تہ ان چور ڪجھ پيسا ڏئي جان ڇھڏائي ڇڏي ھونڌي.
ان مان ظاھر ٿئي ٿو تہ اسان جي پوليس جڏھن پنھنجي تي اچي ٿي تہ ڪجھہ بہ ڪري سگھي ٿي.اڄ کان سال پھرين بيگناھ قتل ٿيل صحافي سوڀ اخبار جي رپورٽر علي اڪبر ڪيريو جا قاتل پوليس اڃان تائين گرفتار ڪرڻ ۾ بري طرح ناڪام ٿي وئي آھي،الاء پوليس ڏوھارين سان مليل آھي، الاء پوليس کي ڏوھارين جي اڃا تائين خبر نہ پئجي سگھي آھي، صحافي جي قتل کي سال گذرڻ باوجود بہ اڃا تائين نہ صحافي ڳالھ سمجھي سگھيا آھن ۽ نہ وري ٻئي عوام سمجھي سگھي ،صحافين جو ڪم آھي خبرون ھلائڻ ان تي عمل ڪرڻ ۽ ڪرائڻ ڪم آھي اسان جي اعليٰ عملدارن جو،صحافي علي اڪبر جي قاتلن خلاف سنڌھ جي صحافين ھر ننڊي وڏي شھر ۾ ڌرڻا ھنيا پر صحافي واچارا اڃا وڌيڪ ڇا ٿا ڪري سگھن.ھاڻي سوال اھُو جاڳي پيو آھي تہ پوليس صحافي جا قاتل گرفتار ڇو نہ ٿي ڪري؟
No comments:
Post a Comment