اسان جي معاشري ۾ عورت پنھنجي حقن کان محروم ڇو؟
شھبازشر/سنڌڙي
اسان جي ھن معاشري ۾ ڪيتريئي وقت کان عورت پنھنجي حقن کان محروم آھي ،ھن اڻسدريل معاشري ۾ عورت کي پنھنجو حق نٿو ڏنو وڃين ، ھن معاشري ۾ جيڪو ڪجھ آھي اھو مرد آھي باقي عورتن جي حقن جو ڪو نالو نشان بہ ڪونھين.
ڪنهن به ملڪ جي سياسي طور تي طاقتور عورت پنهنجي ملڪ جي ترقيءَ ۾ حصو وٺي سگهي ٿي. اسين به جڏهن پنهنجي هن سماج ۾ ان قسم جي تبديليءَ کي ڀليڪار ڪنداسين ۽ عورت جي شرڪت کي يقيني بنائينداسين ته پوءِ اسان کي به ترقيءَ کان ڪير روڪي نه سگهندو.معاشري ۾ صنفي برابري لاءِ ضروري آهي ته عورتن جي قانوني مدد ڪئي وڃي، انهن جي حقن لاءِ قانون سازي ڪئي وڃي. عوامي راءِ کي تبديل ڪرڻ لاءِ ڊگهي مدي واريون پاليسيون ٺاهيون وڃن ته جيئن عورتون انهن سڀني وسيلن جي سهڪار سان پنهنجو آواز بلند ڪري سگهن ۽ پاليسي ساز ادارن تي اثرانداز ٿي سگهي. ان سان گڏوگڏ پارٽيون پنهنجي پاليسين ۾ سڌارا آڻين. عورتن کي ماڊرن ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال ڪرڻ لاءِ سکيا ڏني وڃي. آفيسن ۾ ڪم ڪرڻ وارين عورتن جو انگ وڌايو وڃي. سياسي پارٽيون پنهنجي تربيتي پروگرامن ذريعي پنهنجي عورت ڪارڪنن کي تيار ڪري اڳتي اسيمبلين تائين پهچائي سگهن ٿيون.• عورتن کي وسيلن تائين پهچ ۽ انهن تي اختيار هجڻ گهرجي.
• عورتن کي چرپر جي آزادي هجڻ گهرجي.
• هوءَ پنهنجو پاڻ کي تشدد کان بچائڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ ۾ آزاد هجڻ گهرجي.
• فيصلي ڪرڻ جي آزادي هجڻ کپيس خاص طور تي پنهنجي خاندان وٽ.
• سماج ۾ هن کي پنهنجي حقن وٺڻ لاءِ آواز اٿارڻ جي ۽ پاليسين تي اثرانداز ٿيڻ جو حق هجڻ گهرجيس.
عورت جي ترقي ڪرڻ سان اسان جو ملڪ خوشحال ۽ ڪنڌڙ ملڪن جي لسٽ ۾ شامل ٿي سگھي ٿو
No comments:
Post a Comment