Monday, 26 December 2016

کپرو(رپورٽر:-شھبازشر)کپرو سميت سنڌ جي مختلف مياڻين تي پرديس پکين جو شڪار جاري،سڄاڻ ڌرين پاران مذمت مھمان پکين جي غيرقانوني شڪار تي ڪابہ ڪاروائي نٿي کلي عام مارو ھلندڙ


پکين کي تحفظ ڏيڻ بدران انھن جو کلي عام مارو ڪيو پيو وڃي:سڄاڻ ڌريون
سنڌ جي ڪيترنئي شھرن ۾ اھم تفريحن ۽ تاريخي ڍنڍن تي آيل پرديسي پکين جي وڏي پيئماني تي مارو جاري آھي،شڪاري معصوم پکين کي ڄاري ۽ رچن ذريعي ڦاسائي انھن جا کنڀ ۽ ڇير ڀڃي وڪري لاءِ کلي عام کڻي روڊن تي وڪرو ڪري رھيا آھن پر انھي جي باوجود بہ وائلڊ لائيف کاتو ڄڻ اگھور ننڊ ستل آھي. مھمان پکين جو غير قانوني شڪار ڪندڙن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ جي لاءِ تيار بہ نہ آھي. ڪينجھر ڍنڍ سميت سنڌ جي ڪيترنئي ننڊن وڏين ڍنڍن تي سياري جي موسم شروع ٿيڻ کانئي وٺي پرديس مان آيل مھمان پکين جو شڪار ڪيو پيو وڃي. خادم حسن شر، شاعر غلام رسول، اديب معصوم مصطفٰى ڪنڀر ۽ ٻين چيو تہ مختلف ملڪن مان ايندڙ مھمان پکين کي تحفظ ڏيڻ بدران انھن کي کلي عام ماري وڪرو ڪيو پيو وڃي. ھنن چيو تہ شڪاري کلي عام رچن ۽ ڄارين ذريعي مھمان پکين جو شڪار ڪري کين پڪڙڻ بعد انھن جا کنڀ ۽ ڄنگھون ڪٽي ايزائي کين درجنن جي حساب سان روڊن ۽ رستن تي کڻي کلي عام وڪرو ڪري رھيا آھن جيڪو انتھائي مذمت جوڳو عمل آھي.ھنن گھر ڪئي تہ فوري طور تي مھمان پکين جو شڪار ۽ قتل عام بند ڪري انھن جو شڪار ڪندڙ ماڻھن جي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. ٻئي صورت ۾ ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو

Monday, 7 November 2016

وزيراعظم پاران ملڪ ۾ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ اڌ ڪرڻ جون هدايت جاري

وزيراعظم نواز شريف سڀاڻي کان سڄي ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ اڌ ڪرڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي، وزيراعظم نواز شريف پاڻي ۽ بجليءَ واري سيڪريٽري کي اثرائتي ڪميٽي جوڙڻ جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو آهي، وزيراعظم جي حڪم کان پوءِ سڀاڻي کان شهري علائقن ۾ 3 ڪلاڪ جڏهن ته ڳوٺاڻن علائقن ۾ 4 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي ويندي.36

وڏي وزير جي آفيسرن کي غير قانوني گاڏيون واپس ڪرڻ جو هدايت، 24 ڪلاڪن جي مهلت

سنڌ جي وڏي وزير سيد وڏي وزير جي آفيسرن کي غير قانوني گاڏيون واپس ڪرڻ جو هدايت، 24 ڪلاڪن جي مهلتمراد علي شاهه سڀني آفيسرن ۽ اڳوڻن وزيرن کي غير قانوني گاڏيون جلد واپس ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، وڏي وزير هدايت جاري ڪندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت جو آفيسر جيڪڏهن سنڌ ۾ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ غير قانوني طريقي سان گاڏي رکي ويٺو آهي ته جيڪڏهن هو واپس نه ڪندو ته کيس سرنڊر ڪندس. سڀني آفيسرن ۽ اڳوڻن وزيرن ۽ ٻين آفيسرن کي 24 ڪلاڪ ڏيان ٿو گاڏيون واپس ڪن. 24 ڪلاڪن کانپوءِ  انهن خلاف ميجسٽريٽ ذريعي ڇاپو هڻائي گاڏيون واپس ورتيون وينديون. وڏي وزير چيف سيڪريٽري سنڌ کي هدايت ڪئي ته جلد گاڏيون واپس ڪرائي ۽ انهي حوالي سان سرڪلر پڻ  جاري ڪيو وڃي. وزير، صلاحڪار، خاص مددگار ۽ آفيسر جيڪڏهن بغير نمبر پليٽ واريون گاڏيون هلائيندا ته ڪارروائي ڪئي ويندي، وڏي وزير، چيف سيڪريٽري سنڌ کي واضح هدايت ڪئي ته گاڏيون واپس ڪندي مونکي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. جڏهن ته 179 پراڻيون سرڪاري گاڏيون نيلام ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ڀارتي فورسز جي ايل او سي تي بنا سبب فائرنگ، پوليس اهلڪار سوڌو 2 ڄڻا شهيد

مظفرآباد: ڀارتي فورسز هڪ ڀيرو ٻيهر جنگبندي جو ڀڃڪڙي ڪندي ايل او سي تي فائرنگ ڪري هڪ پوليس اهلڪار سوڌو 2 ڄڻن کي شهيد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. ميڊيا رپورٽن موجب ڀارتي فورسز لائن آف ڪنٽرول تي مطفرآباد جي ڪوٽلي نڪيال سيڪٽر ۾ ڳوٺ بائي دڙه ۾ بنا سبب فائرنگ ڪئي، جنهن جي وڪڙ ۾ اچي پوليس ڪانسٽيبل امتياز ۽ بزرگ شهري محمد سفير شهيد، جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين جي سڃاڻپ سيد محمد، ملڪ بشير ۽  4 سالن جي ٻار مهروز شامل آهن. ڀارتي فورسز پاران پونڇ، بٽل، مدارپور ۽ دره شير خان ۾ به ڳرن هٿيارن جو آزادانه استعمال ڪيو ويو، جنهن ۾ 6 ڄڻا زخمي، جڏهن ته 25 گهر ۽ 3 گاڏيون تباهه ٿي ويون، پاڪ فوج پاران ڀارتي اڳرائي جو ڀرپور جواب ڏنو پيو وڃي.

Sunday, 6 November 2016

ڪوئٽا ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، پابندي مڙهيل تنظيم جو ڪمانڊر گرفتار


سي ٽي ڊي ڪوئٽا ايئرپورٽ روڊ تي ڪارروائي ڪندي پابندي مڙهيل تنظيم جي ڪمانڊر کي گرفتار ڪري ورتو آهي، سي ٽي ڊي اختيارن موجب ايئرپورٽ روڊ تي ڪارروائي ڪندي هڪ ڪمپائونڊ تي ڇاپو هنيو ويو، جنهن دوران پابندي مڙهيل تنظيم جي ڪمانڊر کي گرفتار ڪيو ويو، گرفتار دهشتگرد جي قبضي مان هٿيار، ڌماڪيدار مادو، فوجي ورديون ۽ پابندي مڙهيل لٽريچر هٿ ڪيو ويو، جڏهن ته گرفتار دهشتگرد کي وڌيڪ پڇا ڳاڇا لاءِ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.

پاڪستان ۾ هر سال هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهو سگريٽ ڇڪڻ سبب فوت ٿي وڃن ٿا : ڊبليو ايچ او

صحت جي عالمي اداري ورلڊ هيلٿ آرگنائزيشن (ڊبليو ايڇ او) پاران چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ هر سال اٽڪل هڪ لک 8 هزار ماڻهو سگريٽ ڇڪڻ سبب موت جو بَکُ بڻجي وڃن ٿا. فوت ٿيندڙ ماڻهن جي اڪثريت دل جي بيماري سبب زندگي جي بازي هارائي ويهي ٿي. ڊبليو ايڇ او جي تازي رپورٽ موجب سگريٽ ڇڪڻ جي ناڪاري اثرن سبب سگريٽ نه ڇڪيندڙ ماڻهو به اوترو ئي متاثر ٿيندا آهن. ڊبليو ايچ او پنهنجي رپورٽ ۾ تجويز پيش ڪئي آهي ته سگريٽن جو انگ گهٽائڻ لاءِ جامع حڪمت عملي تحت وڌيڪ قدمن جي گهرج آهي

آءِ جي سنڌ حيدرآباد ۾ شراب وڪرو ٿيڻ وارين خبرن جو نوٽيس ورتو، تفصيلي رپورٽ طلب


انسپيڪٽر جنرل سنڌ پوليس اي ڊي خواجه حيدرآباد شهر جي مختلف علائقن ۾ شراب سر عام وڪرو ٿيڻ جي حوالي سان ميڊيا تي آيل خبرن جو سختي سان نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي حيدرآباد کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي . سنڌ پوليس جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب آءِ جي سنڌ هدايتون جاري ڪيون آهن ته فوري طور تي قانوني ڪارروائي ڪري شراب جو وڪرو بند ڪرايو وڃي ۽ ملوث عناصرن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي

Sunday, 25 September 2016

www.awamiawaz.com/عورت پنھنجي حقن کان محروم ڇو؟

www.sindhexpress.com.pk/عورت پنھنجي حقن کان محروم ڇو

www.awamiawaz.com/شاگردن تي تشددڪ ڪنڌڙ استادن جي لاء حسب ڪانھيون ھڪ مثال بڻيل

www.awamiawaz.com/ننڊي ملڪ جي وڏي ملڪ کي پھرين ڌمڪي

www.awamiawaz.com/غريبن جو سھارو بڻيل ميرپورخاص جي سرڪاري اسپتال

www.awamiawaz.com/ عطائي ڊاڪٽر ۽ سنڌ

www.awamiawaz.com

اسان جي معاشري ۾ عورت پنھنجي حقن کان محروم ڇو؟

اسان جي معاشري ۾ عورت پنھنجي حقن کان محروم ڇو؟

شھبازشر/سنڌڙي

اسان جي ھن معاشري ۾ ڪيتريئي وقت کان عورت پنھنجي حقن کان محروم  آھي ،ھن اڻسدريل معاشري ۾ عورت کي پنھنجو حق نٿو ڏنو وڃين ، ھن معاشري ۾ جيڪو ڪجھ آھي اھو مرد آھي باقي عورتن جي حقن جو ڪو نالو نشان بہ ڪونھين.
ڪنهن به ملڪ جي سياسي طور تي طاقتور عورت پنهنجي ملڪ جي ترقيءَ ۾ حصو وٺي سگهي ٿي. اسين به جڏهن پنهنجي هن سماج ۾ ان قسم جي تبديليءَ کي ڀليڪار ڪنداسين ۽ عورت جي شرڪت کي يقيني بنائينداسين ته پوءِ اسان کي به ترقيءَ کان ڪير روڪي نه سگهندو.معاشري ۾ صنفي برابري لاءِ ضروري آهي ته عورتن جي قانوني مدد ڪئي وڃي، انهن جي حقن لاءِ قانون سازي ڪئي وڃي. عوامي راءِ کي تبديل ڪرڻ لاءِ ڊگهي مدي واريون پاليسيون ٺاهيون وڃن ته جيئن عورتون انهن سڀني وسيلن جي سهڪار سان پنهنجو آواز بلند ڪري سگهن ۽ پاليسي ساز ادارن تي اثرانداز ٿي سگهي. ان سان گڏوگڏ پارٽيون پنهنجي پاليسين ۾ سڌارا آڻين. عورتن کي ماڊرن ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال ڪرڻ لاءِ سکيا ڏني وڃي. آفيسن ۾ ڪم ڪرڻ وارين عورتن جو انگ وڌايو وڃي. سياسي پارٽيون پنهنجي تربيتي پروگرامن ذريعي پنهنجي عورت ڪارڪنن کي تيار ڪري اڳتي اسيمبلين تائين پهچائي سگهن ٿيون.• عورتن کي وسيلن تائين پهچ ۽ انهن تي اختيار هجڻ گهرجي.
• عورتن کي چرپر جي آزادي هجڻ گهرجي.
• هوءَ پنهنجو پاڻ کي تشدد کان بچائڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ ۾ آزاد هجڻ گهرجي.
• فيصلي ڪرڻ جي آزادي هجڻ کپيس خاص طور تي پنهنجي خاندان وٽ.
• سماج ۾ هن کي پنهنجي حقن وٺڻ لاءِ آواز اٿارڻ جي ۽ پاليسين تي اثرانداز ٿيڻ جو حق هجڻ گهرجيس.
عورت جي ترقي ڪرڻ سان اسان جو ملڪ خوشحال ۽ ڪنڌڙ ملڪن جي لسٽ ۾ شامل ٿي سگھي ٿو

Thursday, 22 September 2016

چوٽياريون جي صحافي علي اڪبر ڪيريو جي وڇوڙي کي سال گذري ويو شھبازشر/سنڌڙي

چوٽياريون جي صحافي علي اڪبر ڪيريو جي وڇوڙي کي سال گذري ويو

شھبازشر/سنڌڙي

چوٽياريون جي صحافي ۽ اسان جي پياري دوست علي اڪبر ڪيريو جي وڇوڙي کي سال گذرڻ باوجود بہ صحافي جا قاتل گرفتار نہ ٿي سگھيا پوليس پھرين جيان ھاڻي بہ خاموش بڻيل آھي.ڪجھ ڏينھن پھرين مون ھڪ اخبار مان خبر پڙھي تہ حيدرآباد مان ھڪ وڏي زميندار جو ڪڪڙ چوري ٿي ويو ھو چئن پنجن حدن جي پوليس حيدرآباد پھچي گڏجي ڪري ان ڪڪڙ جي ڳولا لاء سرچ آپريشن شروع ڪري ڏنو ۽ سڄو ڏينھن ان ڪڪڙ جي ڳولا ڪنڌي رھي ۽ نيٽ اھُو ڪڪڙ ھڪ پڃري مان ھٿ  اچي  ويو خدا خير ڪري جنھن پوليس سڄو ڏينھن ڪڪڙ جي ڳولا ڪئي آھي ان پڪڙيل چور سان ڪھڙي حالت ڪئي ھوندي يا تہ ان چور ڪجھ پيسا ڏئي جان ڇھڏائي ڇڏي ھونڌي.
ان مان ظاھر ٿئي ٿو تہ اسان جي پوليس جڏھن پنھنجي تي اچي ٿي تہ ڪجھہ بہ ڪري سگھي ٿي.اڄ کان سال پھرين بيگناھ قتل  ٿيل صحافي سوڀ اخبار جي رپورٽر علي اڪبر ڪيريو جا قاتل پوليس اڃان تائين گرفتار ڪرڻ ۾ بري طرح ناڪام ٿي وئي آھي،الاء پوليس ڏوھارين سان مليل آھي، الاء پوليس کي ڏوھارين جي اڃا تائين خبر نہ پئجي سگھي  آھي، صحافي جي قتل کي سال گذرڻ باوجود بہ  اڃا تائين نہ صحافي ڳالھ سمجھي سگھيا آھن ۽ نہ وري ٻئي عوام سمجھي سگھي ،صحافين جو ڪم آھي خبرون ھلائڻ ان تي عمل ڪرڻ ۽ ڪرائڻ ڪم آھي اسان جي  اعليٰ عملدارن جو،صحافي علي اڪبر جي قاتلن خلاف سنڌھ جي صحافين ھر ننڊي وڏي شھر ۾ ڌرڻا ھنيا پر صحافي واچارا اڃا وڌيڪ ڇا ٿا ڪري سگھن.ھاڻي سوال اھُو جاڳي پيو آھي تہ پوليس صحافي جا قاتل گرفتار ڇو نہ ٿي ڪري؟

Tuesday, 20 September 2016

سنڌي ڊرامن جي اداڪاران جي ڪا سارسنڀاڪ لڌي وڃين

سنڌي ڊرامن جي اداڪارن جي سارسنڀال لڌي وڃين

شھبازشر/سنڌڙي

سنڌھ جي تھذيب اڄ کان 5000 ھزار سال پراڻي آھي.ھن سنڌھ تي ڪلھوڙا ،سومرا ،مغل،سمان ۽ ٻيا ڪيترائي راڄ قائم ٿيا،پر انھن جي تھذيب تي ٽھيل ڊرامن جي ڪا ويليو بہ ڪونھين،سنڌي ڊرامہ ٽاھيندڙ اداڪار کي صرف چينلن جي طرفان ڪجھ پيئسا ملندا آھن باقي سنڌھ حڪومت طرفان ادڪارن جي ڪابہ سارسڀال نٿي لڌي وڃين،سنڌي ڊرامہ ٽاھيندڙ اداڪارن ھيتري ھيتري تائين تمام بھترين ۽ ناليوارن ماڻهن تي فلم ٽاھيا آھن جن ۾  ھوشو ،عمرمارئي ،ليلى  مجنو ،شاھ عبداللطيف ،سچل سرمست ، ۽ ٻين ڪيترنئي جي زندگي تي قصا ۽ ڪھاڻيون لکيون ۽ ويڊيو ذريعي ٽاھيون آھن.انھن کان علاوه ٻيا  ڪيترائي ڊرامہ جن ۾ پٿر دنيا ،پنھنجا پراوا ، ڪارو سج ، مٽي جا ماڻھون ،پٿر جا ماڻھون  درياء پار، اڪبر خان،خان بلوچ، دودو خان، اڄ جو وتايو،ھٿين لاھيو مينڌي ،الله بادشاھ ، ڪنڊن جي سيج ۽ ٻيا ڪيترائي ڊرامہ مشھور آھن،سنڌي اداڪار مسلسل ڪيترائي ڊرامہ ٽاھيندا رھيا آھن۔
جيڪڏھن ڪو انڊيا جو نئون فلم ٽھندو آھي تہ اھو فلم ٽاھيندڙ ادڪارن کي حڪومت طرفان  ڪيتروئي انعام ملندو  پر سنڌھہ جي تھذيب تي فلم ٽاھيندڙ اداڪار جيڪڏھن بيمار ٿي پوندا آھن تہ انھن جو علاج  حڪومت نہ ڪرائيندي آھي.
اسان خاص ڪري سنڌھ حڪومت کي عرض ٿا ڪريون تہ سنڌي ادڪارن جو خاص خيال رکيو وڃين ۽ ھر ٽھندڙ  فلم تي انھن کي انعام ڏنو وڃين، جيئن اداڪار سنڌي ڊرامہ ٽاھڻ ۾ شھرت رکن.

ڀارت کي پاڪستان سان جنگ ڪرڻ جو اشعارو ملي ويو

ڀارت کي پاڪستان سان جنگ ڪرڻ جو اشعارو ملي ويو

شھبازشر/سنڌڙي

ڪشمير ۾ ٿينڌڙ ڀارتي فوج جي ڪيئمپ تي حملي جو قرار ڀارت پاڪستان کي ڏئي ڇڏيو آھي.ڀارت جي ڪيترنئي وزيرن چيو آھي تہ اھو حملو اسان تي پاڪستان ڪيو آھي، ڀارت اھين نٿي سمجھي تہ ڪيتريئي وقت کان اسان مظلوم ڪشميرن تي ظلم ڪري رھيا آھيون اھو حملو اسان کان مظلوم ڪشميرن جو بدلو آھي.ڀارتي فوجين تي ٿيڻ کانپوء ھاڻي پاڪستان کي پنھنجو خاص خيال رکڻ گھرجي،ڇو جو ڀارت ھاڻي حملي جي تياري لاء پنھنجي فوجن تي خاص ٽرينگ شروع ڪري ڇھڏي آھي، باقاعده پاڪستان تي حملي جي لاء ڀارتي فوجن جون ٽرينگ ڪئمپون لڳايون ويون آھن، ڀارت ۾ اسان  جي ملڪ تي حملي جون ڪئمپون پيون لڳن ۽ اسان جا حڪمران ھڪ ٻئي تي ڪرپشن جا الزام ھڻڻ ۾ پورا آھن، مون ڪالھ ڀارت جي ھڪ ويب سائٽ تان ھڪ بيان پڙھيو تہ ڀارتي فوج جي سربراه جو پنھنجي فوج کي چوڻ ھوتہ اوھان ھر وقت تيار رھو جيئن اوچتو پاڪستان سان جنگ ڪرڻ ۾ ڪا ڏکيائي پيش نہ اچي.ان مان ٿئي ٿو تہ ڀارت پاڪستان جنگ جي لاء بلڪل تيار آھي ڪڏھن ۽ ڪھڙي بہ وقت اسان تي دشمن ملڪ ڪڙڪي سگھي ٿو،آئون اسان جي سڀني حڪمرانن کي عرض ڪندس تہ ھن ڏکي وقت ۾ سڀ پارٽيون پنھنجا اختلاف ختم پاڻ ۾ ھڪ ٿي وڃن جيئن اسان سڀ ھن ڏکئي وقت ۾ گڏجي دشمن کي منھن ڏئي سگھون

Saturday, 17 September 2016

فلپائن جي صدر جي امريڪا کي پنھنجي ملڪ مان فوج ڪڍڻ جي ڌمڪي

فلپائن جي صدر جي امريڪا کي پنھنجي ملڪ مان فوج ڪڍڻ جي ڌمڪي
شھبازشر/سنڌڙي
ھي اعلان فلپائن جي صدر پنھنجي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تہ امريڪا جي فوجين کي اسان جي ملڪ مان نيڪالي ڏني وڃين، ھڪ تمام بھترين اعلان آھي،ھڪ ننڊي ملڪ ظلم سھندڙ جي ظالم ملڪ ۽ دنيا جي وڏي آبادي رکندڙ ملڪ کي پھرين وڏي ڌمڪي آھي.فلپائن جي صدر جي اھا ڳالھ ڪرڻ تي آمريڪا کي اعتبار بہ نہ آيو آھي،ھڪ ننڊي ملڪ ۽ گھٽ طاقت رکندڙ ملڪ جي وڏي ملڪ کي پھرين وڏي ڌمڪي آھي.
اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ بہ دشمن ۽ يھودي ملڪ امريڪا جا ڪيترائي فوجي ۽ جھاز پاڪستان ۾ موجود آھن،انھن کي بہ اسان جي ملڪ پاڪستان مان نيڪالي ڏني وڃين ٻئي صورت ۾ امريڪا اسان جي ملڪ تي ڪڏھن ۽ ڪھڙي بہ وقت حملو ڪري سگھي ٿي.
ھن وقت تہ پاڪستان ۽ امريڪا جا تعلقات بھتر آھن پر ڪڏھن بہ خراب ٿي سگھن ٿا،فلپائن جي صدر اھو اعلان ان وقت کانپوء ڪيو جڏھن اڳين ھفتي امريڪي صدر بارڪ اوباما لائوس  ۾ ايشيا پيسفڪ جي رھنمائن جي سربراھي ۾ اجلاس جي موقعي تي فلپائن جي صدر سان ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ھو

Thursday, 25 August 2016

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ضلعي چيئرمين نور علي شاھ ۽ ميونسپل ڪميٽي چيئرمين حاجي خالد سراج سومرو ڪامياب ٿي ويا

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ضلعي چيئرمين نور علي شاھ ۽ ميونسپل ڪميٽي چيئرمين حاجي خالد سراج سومرو ڪامياب ٿي ويا،
ضلعي جي 42 يوسيز مان 39 يوسيز ۾ پ پ جا ضلعي ڪائونسلر ۽ چيئرمين جوڙا ڪامياب ٿيا آهن، جڏهن تـ اهڙي خوشي پ پ اميدوارن جي ڪامياب بعد ضلعي جي وائيس چيئرمين حاجي بقا پلي جي بنگلي کان اڳوڻي صوبائي وزير سيد حاجي علي مردان شاهـ، پ پ اڳواڻ راڻا همير سنگھ، ضلعي ڪائونسل جي بنا مقابلي ٿيل چيئرمين حاجي نور علي شاهـ ۽ ميونسپل چيئرمين حاجي خالد سراج سومرو جي اڳواڻي ۾ تين تلوار کان سنڌ هائوس تائين ريلي ڪڍي وئي۔

چمن وٽ پاڪ-افغان سرحد اڄ به بند، گاڏين جون ڊگهيون قطارون، سوين ماڻهو ڦاٿل، ڪاروباري سرگرميون رڪيل

چمن وٽ پاڪ-افغان سرحد اڄ به بند، گاڏين جون ڊگهيون قطارون، سوين ماڻهو ڦاٿل، ڪاروباري سرگرميون رڪيل

لاهور سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي، گهرن جو ڇتيون ۽ ڀتيون ڪرڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا

لاهور سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي، گهرن جو ڇتيون ۽ ڀتيون ڪرڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا