ڀارت کي پاڪستان سان جنگ ڪرڻ جو اشعارو ملي ويو
شھبازشر/سنڌڙي
ڪشمير ۾ ٿينڌڙ ڀارتي فوج جي ڪيئمپ تي حملي جو قرار ڀارت پاڪستان کي ڏئي ڇڏيو آھي.ڀارت جي ڪيترنئي وزيرن چيو آھي تہ اھو حملو اسان تي پاڪستان ڪيو آھي، ڀارت اھين نٿي سمجھي تہ ڪيتريئي وقت کان اسان مظلوم ڪشميرن تي ظلم ڪري رھيا آھيون اھو حملو اسان کان مظلوم ڪشميرن جو بدلو آھي.ڀارتي فوجين تي ٿيڻ کانپوء ھاڻي پاڪستان کي پنھنجو خاص خيال رکڻ گھرجي،ڇو جو ڀارت ھاڻي حملي جي تياري لاء پنھنجي فوجن تي خاص ٽرينگ شروع ڪري ڇھڏي آھي، باقاعده پاڪستان تي حملي جي لاء ڀارتي فوجن جون ٽرينگ ڪئمپون لڳايون ويون آھن، ڀارت ۾ اسان جي ملڪ تي حملي جون ڪئمپون پيون لڳن ۽ اسان جا حڪمران ھڪ ٻئي تي ڪرپشن جا الزام ھڻڻ ۾ پورا آھن، مون ڪالھ ڀارت جي ھڪ ويب سائٽ تان ھڪ بيان پڙھيو تہ ڀارتي فوج جي سربراه جو پنھنجي فوج کي چوڻ ھوتہ اوھان ھر وقت تيار رھو جيئن اوچتو پاڪستان سان جنگ ڪرڻ ۾ ڪا ڏکيائي پيش نہ اچي.ان مان ٿئي ٿو تہ ڀارت پاڪستان جنگ جي لاء بلڪل تيار آھي ڪڏھن ۽ ڪھڙي بہ وقت اسان تي دشمن ملڪ ڪڙڪي سگھي ٿو،آئون اسان جي سڀني حڪمرانن کي عرض ڪندس تہ ھن ڏکي وقت ۾ سڀ پارٽيون پنھنجا اختلاف ختم پاڻ ۾ ھڪ ٿي وڃن جيئن اسان سڀ ھن ڏکئي وقت ۾ گڏجي دشمن کي منھن ڏئي سگھون
توهان پهنجي شهر جي ماڻهن ۾ جاگرتا پيدا ڪريو انهن جي باري ۾ لکو اهي خبرون پوري دنيا پئي ڏي پهنجي ارد گرد ڏسو ناانصافين خلاف آواز بلند ڪريو
ReplyDelete