Thursday, 25 August 2016

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ضلعي چيئرمين نور علي شاھ ۽ ميونسپل ڪميٽي چيئرمين حاجي خالد سراج سومرو ڪامياب ٿي ويا

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ضلعي چيئرمين نور علي شاھ ۽ ميونسپل ڪميٽي چيئرمين حاجي خالد سراج سومرو ڪامياب ٿي ويا،
ضلعي جي 42 يوسيز مان 39 يوسيز ۾ پ پ جا ضلعي ڪائونسلر ۽ چيئرمين جوڙا ڪامياب ٿيا آهن، جڏهن تـ اهڙي خوشي پ پ اميدوارن جي ڪامياب بعد ضلعي جي وائيس چيئرمين حاجي بقا پلي جي بنگلي کان اڳوڻي صوبائي وزير سيد حاجي علي مردان شاهـ، پ پ اڳواڻ راڻا همير سنگھ، ضلعي ڪائونسل جي بنا مقابلي ٿيل چيئرمين حاجي نور علي شاهـ ۽ ميونسپل چيئرمين حاجي خالد سراج سومرو جي اڳواڻي ۾ تين تلوار کان سنڌ هائوس تائين ريلي ڪڍي وئي۔

چمن وٽ پاڪ-افغان سرحد اڄ به بند، گاڏين جون ڊگهيون قطارون، سوين ماڻهو ڦاٿل، ڪاروباري سرگرميون رڪيل

چمن وٽ پاڪ-افغان سرحد اڄ به بند، گاڏين جون ڊگهيون قطارون، سوين ماڻهو ڦاٿل، ڪاروباري سرگرميون رڪيل

لاهور سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي، گهرن جو ڇتيون ۽ ڀتيون ڪرڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا

لاهور سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي، گهرن جو ڇتيون ۽ ڀتيون ڪرڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا

اٽلي ۾ زلزلي سبب تباهي،ڪيترائي ڳوٺ مٽيءَ جو ڍير بڻجي ويا،25 ڄڻا فوت،سوين زخمي

اٽلي ۾ زلزلي سبب تباهي،ڪيترائي ڳوٺ مٽيءَ جو ڍير بڻجي ويا،25 ڄڻا فوت،سوين زخمي

روم:اٽلي ۾ زلزلي ملڪ جي وچولن علائقن ۾ تباهي مچائي ڇڏي،عمارتون ڪرڻ سوڌو مختلف حادثن ۾ 25 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ڪيترائي زخمي آهن، آمريڪن جيولاجيڪل سروي مطابق اٽلي جي وچولي علائقي ۾ 6 ڏهائي 2 جي تيزي سان زلزلو آيو، جنهن  جو مرڪز ڏکڻ اوڀر شهر پيروگيا کان 76 ڪلوميٽر پري هو ۽ ان جي زمين اندر اونهائي 10 ڪلوميٽر هئي، پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن مطابق زلزلي جي نتيجي ۾ شروعاتي انگن اکرن مطابق 25 ماڻهو حياتي وڃائي ويٺا، جڏهن ته ڪيترائي ڳوٺ مٽي جو ڍير بڻجي ويا آهن، زلزلي سبب سڀ کان وڌيڪ جابلو علائقا متاثر ٿيا، اومبريا جي علائقي نوشريا ۾ ڪيتريون ئي عمارتون مٽيءَ جو ڍير بڻجي ويون ۽ ڪيترائي ماڻهو دٻجي ويا، جنهن ڪري فوتگين ۾ واڌ جو امڪان ڏيکاريو پيو وڃي، زلزلي سبب مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ جي نتيجي ۾ متاثر علائقن جو شهرن سان زميني رابطو ڪٽجي ويو، جنهن ڪري امدادي ڪمن ۾ سخت ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، زلزلو ايترو ته تيز هو جو ان جا لوڏا 150 ڪلوميٽر پري گادي واري شهر روم ۾ به محسوس ڪيا ويا.001

”طالبان خلاف فوجي ڪارروائي بدران امن جو نياپو اماڻيو“پاڪستان جي افغان حڪومت کي تجويز


”طالبان خلاف فوجي ڪارروائي بدران امن جو نياپو اماڻيو“پاڪستان جي افغان حڪومت کي تجويز

خميس 25 آگسٽ 2016

اسلام آباد:پاڪستان افغان حڪومت تي طالبان خلاف فوجي ڪارروائي بدران امن جو نياپو اماڻڻ جي تجويز ڏني آهي، اهڙو اظهار پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز اهمد چوڌري پرڏيهي معاملن بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ڪيو،پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته ته افغان حڪومت کي ٻڌايو ويو آهي ته فوجي ڪارروائي مسئلي جو حل ناهي، افغان حڪومت طالبان کي سنجيدگي سان امن جو نياپو ڏئي،هن چيو ته  امن قائم ڪرڻ جو اڪيلو رستو ڳالهه ٻولهه آهي، ان حوالي سان آمريڪا ۽ چين انٽرا افغانستان ڳالهين جو بندوبست ڪن، پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته ڪمزوري نه پر طاقت سان دنيا کي منهن ڏيڻو پوندو،هن ٻڌايو ته بارڊر مينيجمينٽ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون ۽ افغانستان سان گڏ سڄي بارڊر کي محفوظ ڪيو ويندو، جنهن جو فائدو به افغانستان کي ٿيندو.001

Tuesday, 23 August 2016

ڪراچي جي پر امن حالتن کي هٿ وٺي خراب ڪرڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن: پيرزاده ياسر

ڪراچي جي پر امن حالتن کي هٿ وٺي خراب ڪرڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن: پيرزاده ياسر
ڪراچي پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي نائب صدر ڪراچي تنظيمي ڪميٽي جي چيئرمين پيرزاده ياسر ڪراچي ۾ ميڊيا هائوسز تي ٿيل حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ملڪ خاص طور تي سنڌ جي مظلوم عوام جو آواز بڻيل صحافي ۽ ٽي وي چيئنلز تي حملو ڪرڻ جو مقصد عوام جي آواز کي دٻائڻ جي برابر آهي اهڙن عناصرن خلاف قدم کڻي ڪراچي جي حالتن کي خراب ڪندڙن خلاف تڪڙا قدم کنيا وڃن اهڙو اظهار هن ڪالهه ڪراچي ۾پنهنجي آفيس تي آيل پارٽي ڪارڪنن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو، پيرزاده ياسر چيو ته ڪراچي جي حالتن کي هٿ وٺي خراب ڪرڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن، جيڪو هڪ مذمت جوڳو عمل آهي هن چيو ته ڪراچي پريس ڪلب ۽ ان جي ڀر پاسي وارن علائقن ۾ شرپسند ماڻهن پاران ڀڃ ڊاهه ڪرڻ، پوليس جي گاڏي کي باهه ڏيڻ ۽ صحافين توڙي ميڊيا هائوسز تي حملي ڪرڻ مان واضع ٿي رهيو آهي ته ڪراچي ۾ رينجرس ۽ قانون لاڳو ڪندڙن جي ڪوشش سان ڪجهه عرصي کان ٿيل امن امان جي صورتحال کي هڪ سوچيل سمجهيل تحت خراب ڪرڻ لاءِ ملڪ دشمن عناصر پنهنجا حربا استعمال ڪري رهيا آهن هن چيو ته هن وقت ملڪ جي صورتحال هو ئي خراب آهي، ان ۾ جيڪڏهن ڪجهه عناصر پنهنجي مفادن خاطر ماحول خراب ڪري ملڪ کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ غلط عمل آهي هن چيو ته مسلم ليگ فنڪشنل پر امن پارٽي آهي اسان هر ان عمل جي مذمت ڪنداسين جيڪا ملڪ ۽ ملڪ جي عوام سميت ادارن جي خلاف ڪو غلط قدم هجي هن چيو ته سندس پارٽي صحافين سان هر ڏکي وقت ۾ گڏ آهي پيرزاده ياسر سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڪراچي ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري صحافين ۽ ميڊيا هائوسز جي لاءِ حفاظتي قدم کنيا وڃن، هن چيو ته ملسم ليگ فنڪشنل واحد پارٽي آهي جنهن ۾ هر ورڪر توڙي اڳواڻ پنهنجي وطن ۽ قوم جي خدمت جو جذبو رکندڙ پارٽي آهي هن چيو ته ڪارڪن پاڪستان جي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ڪن. تمام جلد عوام جو رت چوسيندڙن جو وقت ختم ٿيڻ وارو آهي هن چيو ته هر پارٽي جي ورڪر کي پنهنجو حق آهي ته هو ڪنهن پارٽي ۾ رهڻ چاهي ٿو. ان موقعي تي اعجاز سومرو. ضمير عثماني، فقير نعمت الله ڪانڌڙو، مخدوم حسنين ۽ ٻيا پڻ موجود هئا

ڪراچي ۽ حيدرآباد سوڌو سڄي سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم جون آفيسون سيل، ڪي ڪي ايف جي ايمبولينس سروس به بند

ڪراچي ۽ حيدرآباد سوڌو سڄي سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم جون آفيسون سيل، ڪي ڪي ايف جي ايمبولينس سروس به بند

اڱارو 23 اگسٽ 2016

ڪراچي/حيدرآباد:ڪراچي ۾  ايم ڪيو ايم پاران ميڊيا هائوسز تي حملن ۽ پاڪستان خلاف نعرا هڻن کانپوءِ سڄي سنڌ ۾ آپريشن ڪيو پيو وڃي، جنهن دورانِ ڪراچي ۽ حيدرآباد سوڌو مختلف شهرن ۾ متحده قومي موومينٽ سموريون آفيسون سيل ڪيون ويون آهن،جڏهن ته متحده  جي تنظيم ڪي ڪي ايف (خدمت خلق فائونڊيشن) جي ايمبولينس سروس به بند ڪئي وئي آهي، متحده سربراهه جي پاڪستان خلاف بيان کانپوءِ رات دير تائين ڪراچي ۾ رينجرز پاران آپريشن ڪيو ويو، سڄي رات جاري ڪارروائين دوران ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائين زيرو، خورشيد ميموريل سيڪريٽريٽ، ايم پي اي هاسٽل ۽ ميڊيا سيل کي سيل ڪيو ويو، ڪاررواين دوران ملڪ دشمن مواد ۽ هٿيار به هٿ ڪيا ويا، رينجرز اهلڪارن ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائين زيرو جا ڪمپيوٽر ۽ دستاويز به ضبط ڪري ڇڏيا آهن،ٻئي پاسي سڄي شهر ۾ رينجرز ۽ پوليس آپريشن ڪندي متحده جون ڪيتريون ئي آفيسون سيل ڪيون ويون آهن، جن ۾ پي آءِ بي سيڪٽر، گلستان جوهر يونٽ آفيس، شاهه فيصل آفيس ۽ ٻيا سيڪٽر شامل آهن،حيدرآباد، ميرپورخاص، ڄامشورو،سکر ۽ نوابشاهه سوڌو سڄي سنڌ ۾ پڻ ايم ڪيو ايم جون زونل آفيسون سيل ڪري پوليس کي مقرر ڪيو ويو آهي.001

Monday, 22 August 2016

سنڌڙي رپورٽر شھباز خان شر

سنڌڙي رپورٽ(شھبازشر  )
سنڌڙي تعلقي جي ڪيترنئي ڳوٽن بنيادي سھولتن جي کوٽ رھواسي پريشان احتجاج ڪروڙين روپين جي بجٽ ملڻ باوجود بہ اسان کي ٽي ايم او طرفان ڪابہ سھولت ناھي ڏني رھواسي
ڪير بہ ٻڌڻ لاء تيار ناھي تنھنڪري سخت پريشان آھيون سموريون بنيادي سھولتون ڏنيون وڃن شھرين ۽ ڳوٽاڻن جو مطالبو

Sunday, 21 August 2016

سنڌڙي۾ مڇر مار اسپري نـ ٿيو مرد ، عورتون ۽ معصوم ٻارڙا مليريا سميت مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا

سنڌڙي۾ مڇر مار اسپري نـ ٿيو مرد ، عورتون ۽ معصوم ٻارڙا مليريا سميت مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا
سنڌڙي ؛ رپورٽ  ؛شھبازشر
سنڌڙي ۾ مڇر مار اسپري نـ ٿيو مرد ، عورتون ۽ معصوم ٻارڙا مليريا سميت مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا ، صحت کاتو اگهور ننڊ سمهي رهيو ،اسپري جي مد ۾ ايندڙ پئسا هڙپ
- ، احتجاجن ، شڪايتن باوجود ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص توڙي ڊي ايڇ او ميرپورخاص جي ڪن تي ڪا جون ءَ بـ چري نـ سگهي ، شهر توڙي ٻهراڙي وارن علائقن مڇرن جي وڌندڙ آزار سبب سوين ماڻهو موذي مرضن ۾ وڪوڙجي ويا ،ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص کان ويندي ڊي ايڇ او ميرپورخاص ۽ ايم ايس سنڌڙي مڇر مار اسپري نـ ڪرايو آهي معصوم ٻارڙا ۽ وڏا بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن ڪير بـ ٻڌڻ وارو نـ آهي شهرين جو احتجاجي مظاهرو ،، خبر موجب ؛ سنڌڙي ۽ ڀروارن علائقن ۾ هن سال مڇر مار اسپري نـ ٿي سگهيو ، شهر توڙي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ مڇرن جي وڌندڙ آزار سبب سون جي تعداد ۾ معصوم ٻارڙا ، مرد ۽ عورتون مليريا ، خارش ، بخار سميت مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن ، جنهن جو صحت کاتي ڪوبـ نوٽيس نـ ورتو آهي ، شهرين توڙي ساڃاهه وند ڌرين جي احتجاجن ۽ شڪايتن باوجود ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص ۽ ڊي ايڇ او ميرپورخاص جي ڪن تي ڪا جونءَ بـ چري نـ سگهي آهي ، جيڪي علائقي واسين جو شڪايتون هڪ ڪن مان ٻڌي ٻي ڪن مان ڪڍيو ڇڏين ، واضع رهي تـ هر سال ميرپورخاص ضلعي ٻين شهرن جيان سنڌڙي ۾ مڇر مار اسپري ڪيو ويندو آهي مگر هن سال نااهل ڪامورن جي ڪري اسپري نـ ٿي سگهيو آهي ۽ اسپري جي مد ۾ ايندڙ پئسا بـ هڙپ ڪيا ويا آهن