Thursday, 25 August 2016

اٽلي ۾ زلزلي سبب تباهي،ڪيترائي ڳوٺ مٽيءَ جو ڍير بڻجي ويا،25 ڄڻا فوت،سوين زخمي

اٽلي ۾ زلزلي سبب تباهي،ڪيترائي ڳوٺ مٽيءَ جو ڍير بڻجي ويا،25 ڄڻا فوت،سوين زخمي

روم:اٽلي ۾ زلزلي ملڪ جي وچولن علائقن ۾ تباهي مچائي ڇڏي،عمارتون ڪرڻ سوڌو مختلف حادثن ۾ 25 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ڪيترائي زخمي آهن، آمريڪن جيولاجيڪل سروي مطابق اٽلي جي وچولي علائقي ۾ 6 ڏهائي 2 جي تيزي سان زلزلو آيو، جنهن  جو مرڪز ڏکڻ اوڀر شهر پيروگيا کان 76 ڪلوميٽر پري هو ۽ ان جي زمين اندر اونهائي 10 ڪلوميٽر هئي، پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن مطابق زلزلي جي نتيجي ۾ شروعاتي انگن اکرن مطابق 25 ماڻهو حياتي وڃائي ويٺا، جڏهن ته ڪيترائي ڳوٺ مٽي جو ڍير بڻجي ويا آهن، زلزلي سبب سڀ کان وڌيڪ جابلو علائقا متاثر ٿيا، اومبريا جي علائقي نوشريا ۾ ڪيتريون ئي عمارتون مٽيءَ جو ڍير بڻجي ويون ۽ ڪيترائي ماڻهو دٻجي ويا، جنهن ڪري فوتگين ۾ واڌ جو امڪان ڏيکاريو پيو وڃي، زلزلي سبب مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ جي نتيجي ۾ متاثر علائقن جو شهرن سان زميني رابطو ڪٽجي ويو، جنهن ڪري امدادي ڪمن ۾ سخت ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، زلزلو ايترو ته تيز هو جو ان جا لوڏا 150 ڪلوميٽر پري گادي واري شهر روم ۾ به محسوس ڪيا ويا.001

No comments:

Post a Comment