”طالبان خلاف فوجي ڪارروائي بدران امن جو نياپو اماڻيو“پاڪستان جي افغان حڪومت کي تجويز
خميس 25 آگسٽ 2016
اسلام آباد:پاڪستان افغان حڪومت تي طالبان خلاف فوجي ڪارروائي بدران امن جو نياپو اماڻڻ جي تجويز ڏني آهي، اهڙو اظهار پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز اهمد چوڌري پرڏيهي معاملن بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ڪيو،پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته ته افغان حڪومت کي ٻڌايو ويو آهي ته فوجي ڪارروائي مسئلي جو حل ناهي، افغان حڪومت طالبان کي سنجيدگي سان امن جو نياپو ڏئي،هن چيو ته امن قائم ڪرڻ جو اڪيلو رستو ڳالهه ٻولهه آهي، ان حوالي سان آمريڪا ۽ چين انٽرا افغانستان ڳالهين جو بندوبست ڪن، پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته ڪمزوري نه پر طاقت سان دنيا کي منهن ڏيڻو پوندو،هن ٻڌايو ته بارڊر مينيجمينٽ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون ۽ افغانستان سان گڏ سڄي بارڊر کي محفوظ ڪيو ويندو، جنهن جو فائدو به افغانستان کي ٿيندو.001
No comments:
Post a Comment