ڪراچي جي پر امن حالتن کي هٿ وٺي خراب ڪرڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن: پيرزاده ياسر
ڪراچي پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي نائب صدر ڪراچي تنظيمي ڪميٽي جي چيئرمين پيرزاده ياسر ڪراچي ۾ ميڊيا هائوسز تي ٿيل حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ملڪ خاص طور تي سنڌ جي مظلوم عوام جو آواز بڻيل صحافي ۽ ٽي وي چيئنلز تي حملو ڪرڻ جو مقصد عوام جي آواز کي دٻائڻ جي برابر آهي اهڙن عناصرن خلاف قدم کڻي ڪراچي جي حالتن کي خراب ڪندڙن خلاف تڪڙا قدم کنيا وڃن اهڙو اظهار هن ڪالهه ڪراچي ۾پنهنجي آفيس تي آيل پارٽي ڪارڪنن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو، پيرزاده ياسر چيو ته ڪراچي جي حالتن کي هٿ وٺي خراب ڪرڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن، جيڪو هڪ مذمت جوڳو عمل آهي هن چيو ته ڪراچي پريس ڪلب ۽ ان جي ڀر پاسي وارن علائقن ۾ شرپسند ماڻهن پاران ڀڃ ڊاهه ڪرڻ، پوليس جي گاڏي کي باهه ڏيڻ ۽ صحافين توڙي ميڊيا هائوسز تي حملي ڪرڻ مان واضع ٿي رهيو آهي ته ڪراچي ۾ رينجرس ۽ قانون لاڳو ڪندڙن جي ڪوشش سان ڪجهه عرصي کان ٿيل امن امان جي صورتحال کي هڪ سوچيل سمجهيل تحت خراب ڪرڻ لاءِ ملڪ دشمن عناصر پنهنجا حربا استعمال ڪري رهيا آهن هن چيو ته هن وقت ملڪ جي صورتحال هو ئي خراب آهي، ان ۾ جيڪڏهن ڪجهه عناصر پنهنجي مفادن خاطر ماحول خراب ڪري ملڪ کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ غلط عمل آهي هن چيو ته مسلم ليگ فنڪشنل پر امن پارٽي آهي اسان هر ان عمل جي مذمت ڪنداسين جيڪا ملڪ ۽ ملڪ جي عوام سميت ادارن جي خلاف ڪو غلط قدم هجي هن چيو ته سندس پارٽي صحافين سان هر ڏکي وقت ۾ گڏ آهي پيرزاده ياسر سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڪراچي ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري صحافين ۽ ميڊيا هائوسز جي لاءِ حفاظتي قدم کنيا وڃن، هن چيو ته ملسم ليگ فنڪشنل واحد پارٽي آهي جنهن ۾ هر ورڪر توڙي اڳواڻ پنهنجي وطن ۽ قوم جي خدمت جو جذبو رکندڙ پارٽي آهي هن چيو ته ڪارڪن پاڪستان جي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ڪن. تمام جلد عوام جو رت چوسيندڙن جو وقت ختم ٿيڻ وارو آهي هن چيو ته هر پارٽي جي ورڪر کي پنهنجو حق آهي ته هو ڪنهن پارٽي ۾ رهڻ چاهي ٿو. ان موقعي تي اعجاز سومرو. ضمير عثماني، فقير نعمت الله ڪانڌڙو، مخدوم حسنين ۽ ٻيا پڻ موجود هئا
Tuesday, 23 August 2016
ڪراچي جي پر امن حالتن کي هٿ وٺي خراب ڪرڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن: پيرزاده ياسر
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
No comments:
Post a Comment