Saturday, 28 May 2016

رينجرز جو گلشن اقبال ۾ فليٽ تي ڇاپو، وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ

رينجرز جو گلشن اقبال ۾ فليٽ تي ڇاپو، وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ

ڪراچي  رينجرز ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال ۾ هڪ فليٽ تي ڇاپو هڻي وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪري ورتو آهي، خانگي ٽي وي نيوز چينل موجب هڪ سياسي پارٽي جي گرفتار ڪارڪن جي نشاندهي تي رينجرز گلشن اقبال ۾ ڇاپو هڻي 14 ڪلاشنڪوف، 10 پستول ۽ هزارين گوليون هٿ ڪري ورتيون آهن، جڏهن ته ڪارروائي دوران ڪنهن به ڏوهاري جي گرفتاري بابت ناهي ٻڌايو ويو، رينجرز ذريعن موجب گرفتار ڪارڪن جي نشاندهي تي هڪ فليٽ تي ڇاپو هنيو ويو، جتي وڏي انگ ۾ غير قانوني هٿيار موجود هو، جنهن کي پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو آهي

جوئي روٽ ۽ بيئرسٽوجي شانداربيٽنگ،انگلينڊ جي سريلنڪا خلاف ٻي ٽيسٽ ۾ پوزيشن مضبوط ڇنڇر 28 مئي 2016

جوئي روٽ ۽ بيئرسٽوجي شانداربيٽنگ،انگلينڊ جي سريلنڪا خلاف ٻي ٽيسٽ ۾ پوزيشن مضبوط
ڇنڇر 28 مئي 2016

چيسٽر لي سٽريٽ:سريلنڪا خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ جي پهرين ڏينهن انگلينڊ بيٽسمين اليڪس هيلز،جوئي روٽ ۽ بيئرسٽو جي شاندار بيٽنگ سبب انگلينڊ جي پوزيشن انتهائي مضبوط ٿي وئي.سريلنڪن بالر سڄو ڏينهن وڪيٽ وٺڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا،پرسندن شروعاتي مرحلي ۾ به وڪيٽون وٺڻ کانپوءِ گهڻي ئي محنت ڪرڻ پئي پر وڪيٽن نه وٺي سگهيا،پر چانهن جي وقفي کانپوءِ سريلنڪن بالرن کي هيٺ مٿي ٻه وڪيٽون ملي ويون،جنهن کانپوءِ بيئر سٽ هڪ ڀيرو ٻيهر سندن آڏو ڀت بڻجي بيهي رهيو،پر اهو به ڏينهن جي پڄاڻي محل پرديپ جو ٽيون شڪار بڻجي ويو.ٻين ٽيسٽ ميچ جي پهرين ڏينهن جي پڄاڻي تي انگلينڊ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 310 رنسون ٺاهي ورتيون هيو.ڪرس ووڪس 8 ۽ معين علي 28 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو.جڏهن ته سريلنڪا پاران پرديپ 3 ۽ سريورڌانا ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.003

Friday, 27 May 2016

تاريخ ڳالھائي ٿي

تاريخ ڳالهائي ٿي

مشهورعالم علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي گهر واري ايلسا قاضي 28 مئي 1967 ۾ گذاري وئي
28 مئي 1999ع تي پاڪستان چاغيءَ ۾ ايٽمي ڌماڪا ڪيا.
28 مئي 1917 ۾ شهري ايسوسيئشن حيدرآباد جي لاءِ هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا، رئيس غلام محمد ڀرڳڙي صدر، مُکي ڄيٺا نند نائب صدر،گوپال داس جهمٽ مل، سيڪريٽري،۽ درمداس ٻيلارام کي جوائنٽ سيڪريٽري طور چونڊيو ويو.
28 مئي 1921 تي سکر ۾ اڻ سهڪاري تحريڪ جي هڪ گڏجاڻي رکي وئي، جنهن ۾ مولانا تاج محمد امروٽي ۽ ويرو مل بيگراج شامل ٿيا، هيءَ گڏجاڻي ڀائي نانومل جي جاءِ تي رکي وئي،ڇاڪاڻ ته اڻ سهڪارين کي خدشو هو ته خالي جاءِ تي گڏجاڻيءَ ۾ رخنو وڌو ويندو
28 مئي 1931 ۾ مولوي محمد يعقوب سنڌ ۾ مسلم ليگ کي منظم ڪرڻ لاءِ سنڌي اڳواڻن سان رابطا ڪيا،ان اپيل کي محمڊن ايسوسيئشن جي سيڪريٽري پير علي محمد راشدي قبول ڪندي ڪم شروع ڪيو.
28 مئي 1953 ۾ وڏي وزير پيرزادي عبدالستار ملڪ سڪندر خان، پير غلام رسول شاه، شفقت حسين شاه، مير احمد خان ٽالپر کي پارلياماني سيڪريٽري طورمقرر ڪيو ويو.
28 مئي 1963 ۾ آمريڪا تربيلا ڊيم جي اڏاوت ۾ پاڪستان جي مدد ڪرڻ لاءِ دلچسپي ڏيکاري.
28 مئي 1964 ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي هندستاني وزيراعظم جوار لعل نهرو جي آخري رسمن ۾ شرڪت ڪئي.
شاعر ۽ ليکڪ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال 28 مئي 1957 ۾ فريدآباد ۾ پيدا ٿيو

رمضان المبارڪ جي ڀلاري مهيني دوران سرڪاري آفيسن جي وقت جو اعلان جمعو 27 مئي 2016

رمضان المبارڪ جي ڀلاري مهيني دوران سرڪاري آفيسن جي وقت جو اعلان
جمعو 27 مئي 2016

اسلام آباد:گهرو معاملن واري وزارت طرفان رمضان المبارڪ جي ڀلاري مهيني دوران آفيس جي وقت جو اعلان ڪيو ويو آهي. ريڊيو پاڪستان جي رپورٽ مطابق هفتي ۾5 ڏينهن  ڪم ڪندڙ آفيسن ۽  هفتي ۾ 6 ڏينهن ڪم ڪندڙ آفيسن لاءِ ڌار ڌار وقتن جو نوٽيفيڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. هفتي ۾ 2 موڪلون ڪندڙ آفيسن جو وقت سومر کان خميس تائين صبح جو 8 وڳي کان 2 وڳي ۽ جمعي تي صبح جو 8 وڳي کان منجهند جو هڪ وڳي تائين هوندو. هفتي ۾ هڪ موڪل ڪندڙ آفيسن جووقت سومر کان خميس تائين 8 وڳي کان منجهند جو هڪ وڳي ۽ جمعي تي صبح جو 8 وڳي کان منجهند جو 12 وڳي تائين هوندو

ڪيوي ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان سان ٽيسٽ سيريزجي شيڊول جواعلان ڪري ڇڏيو جمعو 27 مئي 2016

ڪيوي ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان سان ٽيسٽ سيريزجي شيڊول جواعلان ڪري ڇڏيو
جمعو 27 مئي 2016

ويلنگٽن:نيوزي لينڊڪرڪيٽ بورد هلندڙ سال پاڪستان سان ٽيسٽ سيريز جي شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو.نيو زيلينڊ ڪرڪيٽ پاران جاري ڪيل شيدول مطابق پاڪستان ۽ ڪيوي ٽيم وچ ۾ 2 ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز هلندڙ سال نومبر ۾ کيڏي ويندي.ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ 17 کان 21 نومبر تائين ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏي ويندي.ان کانسواءِ 18_ 2017 جي ڪرڪيٽ سيزن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ۽ 5 ون ڊي ميچون کيڏيون وينديون.جنهن جي ميزباني به ڪيوي ٽيم ئي ڪندي.003

Thursday, 26 May 2016

خواجه آصف بجلي شارٽ فال ساڍا چار هزار ميگاواٽ کان وڌيڪ هجڻ جو اعتراف ڪري ورتو

خواجه آصف بجلي شارٽ فال ساڍا چار هزار ميگاواٽ کان وڌيڪ هجڻ جو اعتراف ڪري ورتو

پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجه آصف پهريون ڀيرو بجلي جو شارٽ فال چار هزار ميگاواٽ کان وڌيڪ هجڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته اڄ ٻه پهريءَ تائين بجلي جو شارٽ فال 4 هزار 379 ميگاواٽ رهيو. وفاقي وزير خواجه آصف موجب اڄ بجلي جي ڪُل پيداوار 14 هزار 521 رهي جڏهن ته بجلي جي گھرج 19 هزار 200 ميگا واٽ رڪارڊ ڪئي وئي.

مواصلات واري مملڪتي وزير عبدالحڪيم بلوچ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

مواصلات واري مملڪتي وزير عبدالحڪيم بلوچ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

مواصلات واري مملڪتي وزير  عبدالحڪيم بلوچ پنهنجي وزارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا رپورٽ موجب عبدالحڪيم بلوچ 2016ع جي عام چونڊن ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ٽڪيٽ تي اين اي 258 ڪراچي 20 کان قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي ويو جڏهن هن کي 5 جون 2014ع تي وزير بڻايو ويو تنهن هوندي هن 26 مئي 2016 تي پنهنجي عهدي تان اسعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. هنن پنهنجي استعيفيٰ وزير اعظم هائوس اماڻي آهي تنهن هوندي وزير اعظم هائوس استعيفيٰ موصول ٿيڻ جي ترديد ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته هن وقت تائين مملڪتي وزير جو استعيفيٰ موصول ناهي ٿيو. ٻئي پاسي مواصلات واري مملڪتي وزير عبدالحڪيم بلوچ پنهنجي استعيفيٰ بابت چيو آهي ته وزير اعظم سان ملاقات ۾ خدشن کان آگاهه ڪيو هو ۽ استعيفيٰ ذاتي سبب تحت ڏني آهي.

Wednesday, 25 May 2016

آر آرمي چيف سان آمريڪي سفير جي ملاقات، ڊرون حملن تي ڳڻتي ۽ اعتراض آهن، لاڳاپا متاثر ٿي سگهن ٿا:جنرل راحيل شريف

آر آرمي چيف سان آمريڪي سفير جي ملاقات، ڊرون حملن تي ڳڻتي ۽ اعتراض آهن، لاڳاپا متاثر ٿي سگهن ٿا:جنرل راحيل شريف

راولپنڊي:پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف آمريڪي سفير ڊيوڊ هيل سان ملاقات ۾ آمريڪي ڊرون حملن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي اعتراض واريا آهن، پاڪ فوج جي عام رابطن واري اداري آئي ايس پي آر جي پڌرائي مطابق اسلام آباد ۾ مقرر آمريڪي سفير ڊيوڊ هيل جي ايڇ ڪيو راولپنڊِي جو دورو ڪيو، جنهن دوران هن آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران 22 مئي تي بلوچستان ۾ آمريڪي ڊرون حملي کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي جنرل راحيل شريف چٽن لفظن ۾ آمريڪي ڊرون تي سخت ڳڻتي ۽ اعتراضن جو اظهار ڪندي چيو ته اهي حملا پاڪستان جي خودمختياري جي لتاڙ ۽ ٻطرفن لاڳاپن لاءِ هاڃيڪار آهن، هن چيو ته ڊرون حملا علائقائي استحڪام ۽ امن لاءِ به مددگار ثابت نه ٿيندا، جنرل راحيل شريف چيو ته دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ پاڪستان جون ڪوششون ،قربانيون ۽ ڪاميابيون بي مثال آهن، آرمي چيف جو چوڻ هو ته آمريڪي ڊرون حملن سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا ۽ امن عمل به متاثر ٿي سگهي ٿو.001

راولپنڊي:پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف آمريڪي سفير ڊيوڊ هيل سان ملاقات ۾ آمريڪي ڊرون حملن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي اعتراض واريا آهن، پاڪ فوج جي عام رابطن واري اداري آئي ايس پي آر جي پڌرائي مطابق اسلام آباد ۾ مقرر آمريڪي سفير ڊيوڊ هيل جي ايڇ ڪيو راولپنڊِي جو دورو ڪيو، جنهن دوران هن آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران 22 مئي تي بلوچستان ۾ آمريڪي ڊرون حملي کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي جنرل راحيل شريف چٽن لفظن ۾ آمريڪي ڊرون تي سخت ڳڻتي ۽ اعتراضن جو اظهار ڪندي چيو ته اهي حملا پاڪستان جي خودمختياري جي لتاڙ ۽ ٻطرفن لاڳاپن لاءِ هاڃيڪار آهن، هن چيو ته ڊرون حملا علائقائي استحڪام ۽ امن لاءِ به مددگار ثابت نه ٿيندا، جنرل راحيل شريف چيو ته دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ پاڪستان جون ڪوششون ،قربانيون ۽ ڪاميابيون بي مثال آهن، آرمي چيف جو چوڻ هو ته آمريڪي ڊرون حملن سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا ۽ امن عمل به متاثر ٿي سگهي ٿو.001

جماعت اسلامي ڪرپشن کان پاڪ پاڪستان جي سلسلي ۾ پشاور کان ٽرين مارچ شروع ڪري ڇڏيو اربع 25 مئي 2016


جماعت اسلامي ڪرپشن کان پاڪ پاڪستان جي سلسلي ۾ پشاور کان ٽرين مارچ شروع ڪري ڇڏيو
اربع 25 مئي 2016

پشاور: جماعت اسلامي ڪرپشن کان پاڪ پاڪستان جي سلسلي ۾ پشاور کان ٽرين مارچ شروع ڪري ڇڏيو ، پارٽي سربراهه سراج الحق ۽ لياقت بلوچ جي اڳواڻي ۾ ٽرين مارچ پشاور جي ڪينٽ اسٽيشن کان روانو ٿيو،جنهن ۾ صوبائي ۽ مقامي اڳواڻن سوڌو ڪارڪنن جو وڏو انگ شامل هو، مارچ شروع ٿيڻ کان پهرين ئي عوامي ايڪسپريس ٽرين کي جماعت اسلامي ۽ پاڪستان جي جهنڊن سان سينگاريو ويو، جنهن ۾ سوار ڪارڪن ڪراچي لاءِ روانا ٿيا، مارچ اسهڻ کان پهرين خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته جماعت اسلامي ڪرپشن خلاف سيهي جي ڀت آهي ۽ اها ئي حقيقي احتساب ڪري سگهي ٿي،هن چيو ته جماعت اسلامي جي ڪنهن به اڳواڻ جو نالو نه ته پاناماليڪس ۾ آيو آهي ۽ نه ئي وري ڪنهن جي آف شور ڪمپني آهي، سراج الحق چيو ته اسان چاهيون ٿا ته ماڻهن کي ميرٽ تي روزگار ملي، ملڪ ۾ خوشحالي اچي، ناانصافي جو خاتمو ٿئي، ماڻهن کي انصاف ملي، غريبن جا ٻار به اسڪول وڃن ۽ اعليٰ تعليم پرائين.001

پشاور ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي تي فائرنگ،3 اهلڪار شهيد اربع 25 مئي 2016

پشاور ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي تي فائرنگ،3 اهلڪار شهيد
اربع 25 مئي 2016

پشاور: پشاور ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي تي اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 اهلڪار شهيد ٿي ويا،ذريعن مطابق پشاور جي رنگ روڊ تي موٽرسائيڪل تي سوار اڻڄاتل هٿياربندن سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي ۽ ڀڄي ويا، فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 اهلڪار زخمي ٿي پيا، جن کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته ٻه ڄڻا رستي ۾ ئي شهيد ٿي ويا، جڏهن ته هڪ اهلڪار اسپتال ۾ علاج دوران دم ڏنو، واقعي کانپوءِ پوليس ۽ سيڪيورٽي اهلڪار پهچي ويا، جن شاهديون گڏ ڪرڻ کانپوءِ قاتلن جي ڳولا لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو.001

بيلٽ پيپر تي ڪنهن به اميدوار کي ووٽ نه ڏيڻ وارو آپشن شامل ڪرڻ جي تجويز رد اربع 25 مئي 2016

بيلٽ پيپر تي ڪنهن  به اميدوار کي ووٽ نه ڏيڻ وارو آپشن شامل ڪرڻ جي تجويز رد
اربع 25 مئي 2016

اسلام آباد: چونڊ سڌارن بابت پارلياماني ڪميٽي بيلٽ پيپر تي ڪنهن  به اميدوار کي ووٽ نه ڏيڻ وارو آپشن شامل ڪرڻ جي تجويز رد ڪري ڇڏي، اليڪشن ڪميشن چونڊ سڌارن بابت قائم ڪيل پارلياماني ڪميٽي کي سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ تجويز ڏني هئي ته سڄي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جيان پاڪستان ۾ به ووٽرن لاءِ بيلٽ پيپر تي چونڊ عمل ۾ سڀني اميدوارن کي رد ڪرڻ جي حوالي سان خاص خانو شامل ڪيو وڃي، جيڪڏهن ڪنهن  به تڪ ۾ ان خاني تي نشان لڳائيندڙ ووٽرن جو انگ ڪل ووٽن کان وڌيڪ ٿي وڃي ته ان تڪ جا نتيجا رد ڪيا وڃن، اليڪشن ڪميشن جي ذريعن تصديق ڪئي آهي ته پارلياماني ڪميٽي اها تجويز هڪ ئي ڌڪ ۾ رد ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ لاڳو چونڊ نظام اها ترميم نه ٿو سهي سگهي.001

آرمي چيف سان آمريڪي سفير جي ملاقات، ڊرون حملن تي ڳڻتي ۽ اعتراض آهن، لاڳاپا متاثر ٿي سگهن ٿا:جنرل راحيل شريف

آرمي چيف سان آمريڪي سفير جي ملاقات، ڊرون حملن تي ڳڻتي ۽ اعتراض آهن، لاڳاپا متاثر ٿي سگهن ٿا:جنرل راحيل شريف

راولپنڊي:پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف آمريڪي سفير ڊيوڊ هيل سان ملاقات ۾ آمريڪي ڊرون حملن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي اعتراض واريا آهن، پاڪ فوج جي عام رابطن واري اداري آئي ايس پي آر جي پڌرائي مطابق اسلام آباد ۾ مقرر آمريڪي سفير ڊيوڊ هيل جي ايڇ ڪيو راولپنڊِي جو دورو ڪيو، جنهن دوران هن آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران 22 مئي تي بلوچستان ۾ آمريڪي ڊرون حملي کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي جنرل راحيل شريف چٽن لفظن ۾ آمريڪي ڊرون تي سخت ڳڻتي ۽ اعتراضن جو اظهار ڪندي چيو ته اهي حملا پاڪستان جي خودمختياري جي لتاڙ ۽ ٻطرفن لاڳاپن لاءِ هاڃيڪار آهن، هن چيو ته ڊرون حملا علائقائي استحڪام ۽ امن لاءِ به مددگار ثابت نه ٿيندا، جنرل راحيل شريف چيو ته دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ پاڪستان جون ڪوششون ،قربانيون ۽ ڪاميابيون بي مثال آهن، آرمي چيف جو چوڻ هو ته آمريڪي ڊرون حملن سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا ۽ امن عمل به متاثر ٿي سگهي ٿو.001

Tuesday, 24 May 2016

مولانا فضل الرحمان جي لنڊن ۾ آصف زرداري سان ملاقات، وزيراعظم نواز شريف سان ملڻ جو مشورو

مولانا فضل الرحمان جي لنڊن ۾ آصف زرداري سان ملاقات، وزيراعظم نواز شريف سان ملڻ جو مشورو

اسلام آباد: پيپلزپارٽي ۽ حڪومت وچ ۾ ويڇا ختم  ڪرائڻ لاءِ مولانا فضل الرحمان پنهنجو سياسي ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪندي پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين  آصف علي زرداري  کي وزيراعظم  نوازشريف سان ملاقات  ڪري اختلاف ختم ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي ،ميڊيا رپورٽن مطابق  اڱاري ڏينهن  لنڊن جي پارڪ لين جي فليت ۾ آصف علي زرداري  سان جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان  3 ڪلاڪ  ڊگهي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پانامه ليڪس  سوڌو ملڪ جي جملي سياسي صورتحال  تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ٻنهي اڳواڻن  اتفاق  ڪيو ته شارٽ ڪٽ ذريعي  اقتدار ۾ اچڻ ۽ جمهوريت  خلاف ڪنهن به سازش جو حصو نه  ٿينداسين، ملاقات ۾ مولانا فضل الرحمان  ، آصف زرداري کي  نوازشريف  سان ملاقات  ڪري ڊاڪٽر عاصم  حسين سميت  سمورن تڪراري  معاملن تي کلي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو مشورو پڻ ڏنو، هن چيو ته وزيراعظم نوازشريف لنڊن ۾ آيل آهي، توهان کي وزيراعظم سان ملاقات  ڪرڻ گهرجي  ۽ سنڌ جي معاملي تي اعتراضن سوڌو سمورن  تڪراري معاملن خاص ڪري  ڊاڪٽر عاصم  حسين جي حوالي سان کلي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي،آصف علي زرداري  چيوته  مولانا فضل الرحمان کان صلاح مشوري لاءِ وقت گهريو آهي ۽ چيو آهي ته  پيپلزپارٽي  جموريت  خلاف ڪنهن به سازش جو حصو نه ٿيندي، خاص ڪري  انهن ماڻهن جي سازش  جو حصو نه ٿيندي،جيڪي شارٽ ڪٽ ذريعي اقتدار حاصل ڪرڻ  چاهين ٿا،آصف علي زرداري  چيو ته پيپلزپارٽي چاهي ٿي ته پانامه ليڪس ۾ آيل ماڻهن،آف شور ڪمپنيون  ٺاهيندڙن ۽ قرض معاف  ڪرائيندڙف خلاف  شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي  ملاقات دوران آصف زرداري اهم پيغام به ڏنو، جيڪو مولانا فضل الرحمان  وزيراعظم تائين  پهچايئندو، مولانا فضل الرحمان  چيو ته پانامه ليڪس سوڌو هر  قسم جي ڪرپشن  جي جاچ  ٿيڻ گهرجي پر ڪنهن فرد واحد  کي نشانو  نه بڻائڻ گهرجي، واضع هجي ته  وزيراعظم  نوازشريف لنڊن ۾ جنهن جڳهه تي رهي رهيو آهي،اتان کان آصف علي زرداري جي فليٽ تائين پنڌ رڳو  ٻن منٽن جو آهي.

ميون جو بادشاهه انب مارڪيٽ ۾ پهچي ويو، اگهه چوٽ چڙهيل

ميون جو بادشاهه انب مارڪيٽ ۾ پهچي ويو، اگهه چوٽ چڙهيل

ميرپورخاص : پاڪستان دنيا ۾ زرعي لحاظ سان اهم ملڪ ليکيو وڃي ٿو. جڏهن ته ان جو اهم زرعي صوبو سنڌ ان حوالي سان پنهنجو مٽ پاڻ آهي.ڪڻڪ، چانور، داليون، ڪپهه، زيتون، انب، چيڪو، چڪندر، ٽماٽا، گوار مطلب ته اناج، ميوا ۽ ڀاڄين سميت انيڪ زرعي ڀاڄيون سنڌ جي زمين تي ڦُٽن ٿيون، جيڪي اسانجي پيٽ جي بک مٽائڻ سميت وڻج واپار جي ذريعي فائدو پڻ رسائين ٿيون . جيئن جيئن فصل وڌي ٿو تيئن تيئن هاريءَ سان گڏ آبادگار جي به خوشي وڌي ٿي ۽ هاري ۽ آبادگار سان گڏ زرعي مارڪيٽ سان لاڳاپيل سمورن فردن جي خوشين ۾ اضافو ٿئي ٿو. اهو ان ڪري جو سنڌ زرعي سماج هئڻ ڪري هِتان جي واسين جي خوشي ۽ خريد فصل سان سلهاڙيل هجي ٿي.”انب“ کي ميون جو بادشاهه سڏيو ويندو آهي . هندستان ۽ پاڪستان ۾ انب گھڻو ڪري هر هنڌ ٿئي ٿو پر سنڌ ۾ خاص ڪري انبن جي پيداوار تمام گھڻي ٿيندي آهي انهي ڪري انب کي سنڌ جي سوکڙي طور سڃاتو ويندو آهي جڏهن ته سنڌ جي ميرپورخاص واري ضلعي ۾ ٿيندڙ انب جو وري الڳ پنهنجو معيار ۽ ذائقو ٿيندو آهي تاريخي ڄاڻ مطابق انب سريلنڪا مان هندستان آندو ويو بعد ۾ هندستان ۾ انب گھڻا پوکيا ويا ۽ نوان قسم حاصل ڪري بهترين پيدوار حاصل ڪرڻ جا نوان طريقا به استعمال ڪيا ويا هندستان ۾ بمبئي . بنارس ۽ حيدرآباد دکن جا انب تمام مشهور آهن ۽ چون ٿا ته اتي ڪن علائقن ۾ وري اهڙا به وڻ موجود آهن جيڪي سڄو سال ميوو ڏيندا آهن جڏهن ته هن وقت سنڌ ۾ به ڪن جاين تي اهڙا وڻ نظر اچن ٿا جن ۾ سڄو سال انب لڳل نظر ايندا آهن. تاريخ ۾ ڄاڻايل آهي ته 4000 سال (ق .م) هندستان ۾ انبن جي پوکي موجود هئي انب کي فارسي ۾ ”انبه“ هندي ۾ ”آم“ ۽ انگريزي ۾ Mango چئبو آهي. هن وقت انب پاڪستان، هندستان، سريلنڪا، ملائيشيا، چائنا، آمريڪا، ميڪسيڪو. ٿائيلينڊ، جاوا، مصر، برما، فلپائن، نائيجيريا، سوڊان، برازيل، انڊنيشيا، ڏکڻ آفريڪا ۽ آسٽريليا سميت ٻين ملڪن ۾ پوکيا وڃن ٿا. عام طور تي انب جي وڻ ۾ پهرين ٻور ٿيندو آهي پوءِ سنهيون انبڙيون لڳنديون جيڪي بعد ۾ وڏيون ٿينديون آهن . ۽ جڏهن وڌي انب جيڏيون ٿي وينديون آهن ته باغائي ڪچين انبڙين کي پچائڻ لاءِ پال وجھندا آهن چئن پنجن ڏينهن بعد اهي پچي ويندا آهن جنهن بعد مارڪيٽ م وڪرو ٿيندا آهن سيزن جي شروعات ۽ آخري وارن ڏينهن ۾ انب جو اگھه آسمان سان ڳالهيون ڪندو آهن ان وقت انب 200 کان 300 روپيه ڪلو تائين به وڪرو ٿيندو آهي ۽ غريب جي پهچ کان چوٽ جڙهيل هوندو آهي پر انب گھڻو اچڻ سب واپاري اگھه به گھٽ ڪندا آهن ۽ پوءِ انب 50 کان سئو روپيه ڪلو گرام وڪرو ٿيندو آهي ۽ انهن ڏينهن ۾ غريب به انبن جا خوب مزا ماڻيندا آهن انب جو مزاج مٺو ۽ تاثير گرم ٿيندي آهي جڏهن ته انبڙي کٽي ٿيندي آهي جنهن مان چٽڻي، امچور ۽ آچار ٺاهيا ويندا آهن جڏهن ته مٺن انبڙين مان حلوو ۽ مربو ٺاهيو ويندو آهي هن وقت انب پال وجھڻ جاڪيترائي طريقا نڪري پيا آهن پر عام طور تي انبڙيون ڪاٺ جي پتين ۾ وجھي ڪارپيٽ ذريعي انب پچايا ويندا آهن انبن جي سيزن شروع ٿيندي ئي ميرپورخاص جي فروٽ منڊي ۾ 24 ڪلاڪ ئي رش نظر ايندي آهي ۽ سڄي ملڪ مان واپاري هتي ترسيل هوندا آهن اهڙي ريت پيتيون ٺاهڻ ۽ لوڊنگ ڪرڻ وارن ڪيترن ئي غريب مزدورن جو روزگار پڻ شروع ٿي ويندو آهي.

عمران خان جو اساما بن لادن کي دهشتگرد قرار نه ڏيڻ بزدلاڻو عمل آهي: بلاول ڀٽو زرداري

عمران خان جو اساما بن لادن کي دهشتگرد قرار نه ڏيڻ بزدلاڻو عمل آهي: بلاول ڀٽو زرداري

پاڪستان پيپلز پارٽي جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان پاران اساما بن لادن کي دهشتگرد قرار نه ڏيڻ شرم جوڳو ۽ بزدلاڻو عمل آهي، خابرو ادارن موجب عمران خان کان اي آر واءِ جي نيوز اينڪر پرسن وسيم بادامي پنهنجي پروگرام ۾ انٽرويو دوران پڇيو ته ڇا توهان اساما بن لادن کي دهشتگرد سمجهو ٿا، جنهن جي جواب ۾ عمران خان جو چوڻ هو ته ڪو شخص ڪنهن جي لاءِ دهشتگرد ۽ جنهن جي لاءِ حُريت پسند هوندو آهي، مثال جي طور تي جارج واشنگٽن انگريزن لاءِ دهشتگرد ۽ آمريڪين لاءِ فريڊم فائٽر هو، عمران خان چيو ته اساما بن لادن جو قصو ختم ٿي چُڪو آهي ان لاءِ ان بابت نه ڳالهائيندس، عمران خان جي انٽرويو جي رد عمل ۾ بلاول ڀٽو زرداري جو سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي چوڻ هو ته عمران خان اساما بن لادن کي دهشتگرد قرار نه ڏئي بزدلاڻو عمل ڪيو آهي

ميرپورخاص (ايوان صحافت ميرپورخاص ڊيسڪ رليز ) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي سيئنر ڪارڪن مير عبدالرزاق تراب، سنڌ ۾ پارٽي جي تنظيمن سازي جي سلسلي ۾ گزريل ڏيهن ميرپورخاص جو دورو ڪيو

ميرپورخاص (ايوان صحافت ميرپورخاص ڊيسڪ رليز ) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي سيئنر ڪارڪن مير عبدالرزاق تراب، سنڌ ۾ پارٽي جي تنظيمن سازي جي سلسلي ۾ گزريل ڏيهن ميرپورخاص جو دورو ڪيو. ان موقعي پ پ پ يوٿ ونگ جي عهدن جي تنظيم سازي جي لا۽ ڪارڪن سان ملاقات ڪئي. بعد ۾ ايوان صحافت ميرپورخاص ۾ مير عبدالرزاق تراب، پ پ پ سٽي ميرپورخاص اڳواڻ نياز پٽاڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پ پ پ غريبن جي مسيڪنن جي جماعت آهي پ پ پ جي دور ۾ بي روزگار نوجوان کي رڪارڊ نوڪريون ڏنيو ويون. هنن ٻڌايو ته پ پ پ چيئرمن بلاول ڀثو زرداري، آصف علي زرداري، ادي فريال ٽالپور سنڌ جي هرمسئلي تي ثابت قدم رهي ڪري عوام جي خدمت ڪري رهيا آهن ائين اها وجه آهي ته سنڌ جي عوام پ پ پ کان علاوه ٻي ڪنهن ڏانهن ڏسڻ پسند نٿي ڪري. هنن ٻڌايو ته سنڌ ۾ پ پ پ جي مرڪزي، ضلعي ۽ ٻين عهدن تي تنظيم سازي ٿي رهي آهي ان لاء اسان پارٽي چيئرمن بلاول ڀٽوجي فيصلي ۽ انجي مقرر ڪيل ڪميٽي جي هرفيصلي جي آجيان ڪيون ٿا. هنن چيو ته پ پ پ واحد جماعت آهي جيڪا صرف مظلوم، مزدور، غريب طبقي جي ترجماني ڪري ٿي.