فلم ”مالڪ“ تي پابندي خلاف درخواست، عدالت وڪيلن کي بحث لاءِ طلب ڪري ورتو
لاهور هاءِ ڪورٽ فلم ” مالڪ“ تي پابندي خلاف ڪيس ۾ بحث جي لاءِ وڪيلن کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو آهي. ميڊيا رپورٽ موجب لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ فلم مالڪ تي پابندي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي جنهن دوران عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي وڪيلن کي بحث جي لاءِ طلب ڪيو آهي. درخواست گذار موقف اختيار ڪيو آهي ته 18هين ترميم کان پوءِ وفاق ڪنهن فلم تي پابندي نٿو هڻي سگهي ۽ رڳو اسلام آباد ۾ ئي ڪنهن فلم تي پابندي لاڳو ڪري سگهي ٿو. درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سنسر بورڊ نمائش جي اجازت ڏئي ڇڏي هئي پر هڪ شڪايت سبب فلم تي پابندي لڳائي وئي. ٻئي پاسي عدالت وفاق پاران فلم تي لڳايل پابندي کي ڪالعدم قرار ڏنو آهي.
No comments:
Post a Comment