انگوراڏو چيڪ پوسٽ افغانستان حوالي ڪرڻ وقت اعتماد ۾ وٺڻ پري جي ڳالهه،اطلاع به نه ڏنو ويو:چوڌري نثار
اسلام آباد:وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان وزيرستان جي انگوراڏا چيڪ پوسٽ افغانستان حوالي ڪرڻ جي حوالي سان سخت خدشن جو اظهار ڪيو آهي.ميڊيا رپورٽ مطابق گهرو وزير چوڌري نثار علي خان وزيراعظم کي هڪ پيغام موڪليو آهي جنهن ۾ هُن انگور چيڪ پوسٽ اڏو افغانستان حوالي ڪرڻ وڏن خدشن جو اظهارڪندي چيو ته پاڪستان جي هڪ هڪ انچ زمين اسانجي قومي امانت آهي،جيڪڏهن انهيءِ مان ڪنهن کي ڪجهه ڏجي ٿو ته انهيءَ جو به قانون رستوموجود آهي،جيڪو انگور اڏو چيڪ پوسٽ افغانستان حوالي ڪرڻ وقت استعمال نه ڪيوويو.چوڌري نثار چيو ته گهرو وزارت،بارڊر انتظاميا،بارڊر ڪنٽرول ۽ سرحدي بچاءُ جي حوالي سان وڏا اسٽيڪ هولڊر آهن،پر انگور اڏو چيڪ پوسٽ افغانستان حوالي ڪرڻ وقت اسانکي اعتماد ۾ وٺڻ ته پري جي ڳالهه،پر اطلاع به نه ڏنو ويو.سندس چوڻ هو ته انگور اڏو چيڪ پوسٽ حوالي سان منهنجي ذهن ۾ اهم سوال آهن،جن جو وزيراعظم نوازشريف جي وطن ورڻ تائين انتظار ڪندس ۽ پوءِ کيس ڄاڻ ڏيندس.003
No comments:
Post a Comment