Tuesday, 24 May 2016

سرڪاري ملازمن جي پگھار ۾ واڌ جو امڪان

سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 12 کان 15 سيڪڙو واڌ جو امڪان

اسلام آباد ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي لاءِ سٺي خبر اها آهي ته انهن جي پگهارن ۽ ريٽائرڊ ملازمن جي پينشن ۾ 12 کان 15 سيڪڙو تائين اضافي جو امڪان آهي. خانگي ٽي وي دنيا نيوز ۽ خانگي ويب سائيٽ موجب وفاقي حڪومت پاران مالي سال 17-2016 جي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن جي مد ۾ 614 ارب رپيا جا فنڊ رکڻ جي تجويز آهي. امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي ته بجيٽ ۾ پگهارن  جي لاءِ 360 ارب رپيا ۽ پينشن جي لاءِ 253 ارب رپيا رکيا ويندا. ان کان سواءِ 2 ايڊ هاڪ ريليف به بنيادي پگهارن ۾ شامل ٿي سگهن ٿا جنهن سان پگهارن ۽ پينشن ۾ 4 کان 5 سيڪڙو اضافو ٿيندو

No comments:

Post a Comment