عمران خان جو اساما بن لادن کي دهشتگرد قرار نه ڏيڻ بزدلاڻو عمل آهي: بلاول ڀٽو زرداري
پاڪستان پيپلز پارٽي جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان پاران اساما بن لادن کي دهشتگرد قرار نه ڏيڻ شرم جوڳو ۽ بزدلاڻو عمل آهي، خابرو ادارن موجب عمران خان کان اي آر واءِ جي نيوز اينڪر پرسن وسيم بادامي پنهنجي پروگرام ۾ انٽرويو دوران پڇيو ته ڇا توهان اساما بن لادن کي دهشتگرد سمجهو ٿا، جنهن جي جواب ۾ عمران خان جو چوڻ هو ته ڪو شخص ڪنهن جي لاءِ دهشتگرد ۽ جنهن جي لاءِ حُريت پسند هوندو آهي، مثال جي طور تي جارج واشنگٽن انگريزن لاءِ دهشتگرد ۽ آمريڪين لاءِ فريڊم فائٽر هو، عمران خان چيو ته اساما بن لادن جو قصو ختم ٿي چُڪو آهي ان لاءِ ان بابت نه ڳالهائيندس، عمران خان جي انٽرويو جي رد عمل ۾ بلاول ڀٽو زرداري جو سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي چوڻ هو ته عمران خان اساما بن لادن کي دهشتگرد قرار نه ڏئي بزدلاڻو عمل ڪيو آهي
No comments:
Post a Comment