Tuesday, 24 May 2016

مولانا فضل الرحمان جي لنڊن ۾ آصف زرداري سان ملاقات، وزيراعظم نواز شريف سان ملڻ جو مشورو

مولانا فضل الرحمان جي لنڊن ۾ آصف زرداري سان ملاقات، وزيراعظم نواز شريف سان ملڻ جو مشورو

اسلام آباد: پيپلزپارٽي ۽ حڪومت وچ ۾ ويڇا ختم  ڪرائڻ لاءِ مولانا فضل الرحمان پنهنجو سياسي ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪندي پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين  آصف علي زرداري  کي وزيراعظم  نوازشريف سان ملاقات  ڪري اختلاف ختم ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي ،ميڊيا رپورٽن مطابق  اڱاري ڏينهن  لنڊن جي پارڪ لين جي فليت ۾ آصف علي زرداري  سان جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان  3 ڪلاڪ  ڊگهي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پانامه ليڪس  سوڌو ملڪ جي جملي سياسي صورتحال  تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ٻنهي اڳواڻن  اتفاق  ڪيو ته شارٽ ڪٽ ذريعي  اقتدار ۾ اچڻ ۽ جمهوريت  خلاف ڪنهن به سازش جو حصو نه  ٿينداسين، ملاقات ۾ مولانا فضل الرحمان  ، آصف زرداري کي  نوازشريف  سان ملاقات  ڪري ڊاڪٽر عاصم  حسين سميت  سمورن تڪراري  معاملن تي کلي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو مشورو پڻ ڏنو، هن چيو ته وزيراعظم نوازشريف لنڊن ۾ آيل آهي، توهان کي وزيراعظم سان ملاقات  ڪرڻ گهرجي  ۽ سنڌ جي معاملي تي اعتراضن سوڌو سمورن  تڪراري معاملن خاص ڪري  ڊاڪٽر عاصم  حسين جي حوالي سان کلي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي،آصف علي زرداري  چيوته  مولانا فضل الرحمان کان صلاح مشوري لاءِ وقت گهريو آهي ۽ چيو آهي ته  پيپلزپارٽي  جموريت  خلاف ڪنهن به سازش جو حصو نه ٿيندي، خاص ڪري  انهن ماڻهن جي سازش  جو حصو نه ٿيندي،جيڪي شارٽ ڪٽ ذريعي اقتدار حاصل ڪرڻ  چاهين ٿا،آصف علي زرداري  چيو ته پيپلزپارٽي چاهي ٿي ته پانامه ليڪس ۾ آيل ماڻهن،آف شور ڪمپنيون  ٺاهيندڙن ۽ قرض معاف  ڪرائيندڙف خلاف  شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي  ملاقات دوران آصف زرداري اهم پيغام به ڏنو، جيڪو مولانا فضل الرحمان  وزيراعظم تائين  پهچايئندو، مولانا فضل الرحمان  چيو ته پانامه ليڪس سوڌو هر  قسم جي ڪرپشن  جي جاچ  ٿيڻ گهرجي پر ڪنهن فرد واحد  کي نشانو  نه بڻائڻ گهرجي، واضع هجي ته  وزيراعظم  نوازشريف لنڊن ۾ جنهن جڳهه تي رهي رهيو آهي،اتان کان آصف علي زرداري جي فليٽ تائين پنڌ رڳو  ٻن منٽن جو آهي.

No comments:

Post a Comment