Monday, 23 May 2016

پاڪستان ۾ سگريٽ جي غير قانوني واپار سان ريونيو کي ساليانو 24 ارب رپيا نقصان ٿي رهيو آهي: رپورٽ

پاڪستان ۾ سگريٽ جي غير قانوني واپار سان ريونيو کي ساليانو 24 ارب رپيا نقصان ٿي رهيو آهي: رپورٽ

اسلام آباد:-پاڪستان ۾ سگريٽ جي غير قانوني واپار سبب ريونيو کي ساليانو 24 ارب رپين جو  نقصان ٿي رهيو آهي: ريسرچ اداري نيلسن جي رپورٽ موجب ايشيا ۾ پاڪستان سگريٽ جي غير قانوني واپار جي لحاظ سان چوٿين نمبر تي آهي، پاڪستان ۾ سالياني ٻه ارب سگريٽ اسمگل ڪيا ويندا آهن. غير قانوني سگريٽ جو وڪرو تيزي سان وڌي رهيو آهي. رپورٽ موجب خيبرپختونخواهه، آزاد ڪشمير ۾ سگريٽ تيار ڪندڙن غير قانوني ڪمپنيون موجود آهن. جيڪي غير قانوني طور سگريٽ تيار ڪنديون آهن ۽ بنا ڪنهن ٽيڪس ۽ ڊيوٽي جي مارڪيٽ ۾ موڪلينديون آهن. رپورٽ موجب مقامي طور تيار ٿيندڙ غير قانوني سگريٽن جو معيار به بهتر ناهي ۽ انهن جي باقاعده ٽيسٽنگ به ناهي ڪئي ويندي

No comments:

Post a Comment