رمضان المبارڪ جي ڀلاري مهيني دوران سرڪاري آفيسن جي وقت جو اعلان
جمعو 27 مئي 2016
اسلام آباد:گهرو معاملن واري وزارت طرفان رمضان المبارڪ جي ڀلاري مهيني دوران آفيس جي وقت جو اعلان ڪيو ويو آهي. ريڊيو پاڪستان جي رپورٽ مطابق هفتي ۾5 ڏينهن ڪم ڪندڙ آفيسن ۽ هفتي ۾ 6 ڏينهن ڪم ڪندڙ آفيسن لاءِ ڌار ڌار وقتن جو نوٽيفيڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. هفتي ۾ 2 موڪلون ڪندڙ آفيسن جو وقت سومر کان خميس تائين صبح جو 8 وڳي کان 2 وڳي ۽ جمعي تي صبح جو 8 وڳي کان منجهند جو هڪ وڳي تائين هوندو. هفتي ۾ هڪ موڪل ڪندڙ آفيسن جووقت سومر کان خميس تائين 8 وڳي کان منجهند جو هڪ وڳي ۽ جمعي تي صبح جو 8 وڳي کان منجهند جو 12 وڳي تائين هوندو
No comments:
Post a Comment