آرمي چيف سان آمريڪي سفير جي ملاقات، ڊرون حملن تي ڳڻتي ۽ اعتراض آهن، لاڳاپا متاثر ٿي سگهن ٿا:جنرل راحيل شريف
راولپنڊي:پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف آمريڪي سفير ڊيوڊ هيل سان ملاقات ۾ آمريڪي ڊرون حملن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي اعتراض واريا آهن، پاڪ فوج جي عام رابطن واري اداري آئي ايس پي آر جي پڌرائي مطابق اسلام آباد ۾ مقرر آمريڪي سفير ڊيوڊ هيل جي ايڇ ڪيو راولپنڊِي جو دورو ڪيو، جنهن دوران هن آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران 22 مئي تي بلوچستان ۾ آمريڪي ڊرون حملي کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي جنرل راحيل شريف چٽن لفظن ۾ آمريڪي ڊرون تي سخت ڳڻتي ۽ اعتراضن جو اظهار ڪندي چيو ته اهي حملا پاڪستان جي خودمختياري جي لتاڙ ۽ ٻطرفن لاڳاپن لاءِ هاڃيڪار آهن، هن چيو ته ڊرون حملا علائقائي استحڪام ۽ امن لاءِ به مددگار ثابت نه ٿيندا، جنرل راحيل شريف چيو ته دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ پاڪستان جون ڪوششون ،قربانيون ۽ ڪاميابيون بي مثال آهن، آرمي چيف جو چوڻ هو ته آمريڪي ڊرون حملن سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا ۽ امن عمل به متاثر ٿي سگهي ٿو.001
No comments:
Post a Comment