ڪنڊياري ؛ لوڊشيڊنگ جا ستايل ماڻهو وابڊا اختياريون ۽ وفاقي حڪومت ان لوڊشيڊنگ جو ذميدار عابد شير علي کي بددعائون ڏئي رهيا آهن . شاهجهان منظور وساڻ
ماڻهو گرمي ۾ مري رهيا آهن وابڊا وارا ۽ وفاقي حڪومت الله جي عذاب کان ڊڄن ،وفاقي حڪومت صرف سنڌ جي ماڻهن کي تڪليف ڏئي رهي آهي انهن ڪرپشن ۾ ٻڏل وابڊا آفيسر وفاقي وزير عابدشير علي جلد الله جي عدالت ۾ جوابدا هوندا .
ڪنڊياري شاهجهان منظور وساڻ چيئرمين يوسي دڙوبازار نجي دعوت محمد صديق شر طرفان سندس مان ۾ ان دوران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته لوڊشيڊنگ سبب ماڻهو سخت پريشان آهن بجلي جي غير اعلانيل لوڊشيڊنگ ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي سندس ستايل ماڻهو وفاقي حڪومت کي ۽ سندن وابڊا اختيارين کي بددعائون ڏئي رهيا آهن عابد شير علي صرف مال ٺاهڻ ۾ پورو آهي انهن کي عوام جي مسئلن سان ڪو به سروڪار ناهي سنڌ جي وسيلن مان ملندڙ انڪم ئي ڳچ حصو هن ملڪ کي هلائي ٿو سندھ سان ٻٽو رويو رکيو پيو وڃي جيڪا ملڪ خلاف سازش آهي وابڊا وارا دوست پوري سنڌ بلخصوص ڪنڊياري جي عوام سان انسانيت وارو رويو رکن احتساب ٿيڻ وارو آهي جلد اهي عابدشيرعلي ۽ اڻ علانيل لوڊشيڊنگ اووربلنگ بناجواز ڏنڊ مڙهڻ وارن وابڊا ڪامورن سميت جيل ۾ هوندا ڪنڊياري جو ڪو به ماڻهو وابڊا جي ظلم کان محفوظ ناهي هر پاسي شڪايتن جي باهه ٻري رهي آهي هر پاسي ماڻهون وابڊا جي خلاف روڊن تي ويٺل آهن غريب ماڻهو کان هڪ بلب پکي جو بل ٻه هزار ٽي هزار يا وري ٿوري دانهن ڪرڻ تي ڊڊيڪشن جي صورت ۾ هزارين رپيا ڀرايو ٿو وڃي بيماريون غربت ٻچن جي پڙهائي ويندي لوڻ ڀاڃي جي وڌهندڙ خرچ مٿان انهن وابڊا طرفان وڌيڪ بلنگ زهني پريشان مٿان بل پئيڊ نه ڪرڻ جي صورت ۾ ذهني حراسان ڪيو پيو وڃي ڪنڊياري توڙي پوري سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي حقن لاءِ هاڻي وفاقي حڪومت آڏو نروار ٿيڻون پوندو شهيدن جي پارٽي پيپلزپارٽي کي ڀهانن سان حيسائي ترقياتي ڪم ناهن پيا ڪرڻ ڏنا وڃن ته جيئن پ پ بدنام ٿئي ماڻهون بدذهن ٿين جيڪا انهن طاقتن جي ڀل آهي وابڊا جي هٺ ڌهرمي خلاف پنهنجي قيادت جو ساٿ ڏيڻون پوندو اسان کي سب ڊويزن سندهڙي ايس ڊي او ايڪسيئن سانگهڙ وابڊا جا ڪرپٽ آفيسر نه گهرجن ڪنڊياري جي باشعور عوام هاڻ انهن وابڊا جي دوستن مان تنگ ٿي چڪي آهي شاهجهان منظور وساڻ چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي هن وقت سنڌ جي ماڻهن جي حقيقي ترجماني ڪري رهي آهي سنڌ حڪومت جو سنڌ جي ترقياتي ڪمن تي فوڪس آهي بجلي جي مسئلي تي وفاق کي آگاه ڪيو ويو آهي دعوت ۾ رئيس لونگ خان شر،شفيع محمد بروهي،حسين شر،سيٺ دوالهانومل نائيب مکي ڪنڊياري،محمدابراهيم شر،لاکوشر،مرتضي ٿهيم جن پڻ شرڪت ڪئي ....
23--5--2016-------
رپورٽ؛-
عقيل وساڻ
Tuesday, 24 May 2016
ڪنڊياري ؛ لوڊشيڊنگ جا ستايل ماڻهو وابڊا اختياريون ۽ وفاقي حڪومت ان لوڊشيڊنگ جو ذميدار عابد شير علي کي بددعائون ڏئي رهيا آهن . شاهجهان منظور وساڻ
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
No comments:
Post a Comment