Tuesday, 24 May 2016

پاڪستان اسٽيل مل جي ملازمن جون 2 مهينن جون پگهارون جاري


پاڪستان اسٽيل مل جي ملازمن جون 2 مهينن جون پگهارون جاري

طويل عرصي کان پگهارن کان محروم اسٽيل مل جي ملازمن کي ٻن مهينن جون پگهارون ڏنيون ويون آهن. ميڊيا رپورٽ موجب پاڪستان اسٽيل جا ملازم 6 مهينن کان محروم آهن، تنهن هوندي رمضان المبارڪ جي آمد کان اڳ ملازمن کي ٻن مهينن جون پگهارون جاري ڪيون ويون آهن. ملازمن کي پگهارون ڊسمبر 2015ع ۽ جنوري 2016 جون ڏنيون ويون آهن جڏهن ته 4 مهينن جي پگهارون کان ملازم هن وقت تائين محروم آهن. واضع رهي ته پاڪستان اسٽيل مل جو مجموعي خسارو 375 ارب رپين تائين وڃي پهتو آهي جڏهن ته ملازمن جي ماهوار پگهار 45 ڪروڙ رپيا آهي

No comments:

Post a Comment