بيلٽ پيپر تي ڪنهن به اميدوار کي ووٽ نه ڏيڻ وارو آپشن شامل ڪرڻ جي تجويز رد
اربع 25 مئي 2016
اسلام آباد: چونڊ سڌارن بابت پارلياماني ڪميٽي بيلٽ پيپر تي ڪنهن به اميدوار کي ووٽ نه ڏيڻ وارو آپشن شامل ڪرڻ جي تجويز رد ڪري ڇڏي، اليڪشن ڪميشن چونڊ سڌارن بابت قائم ڪيل پارلياماني ڪميٽي کي سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ تجويز ڏني هئي ته سڄي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جيان پاڪستان ۾ به ووٽرن لاءِ بيلٽ پيپر تي چونڊ عمل ۾ سڀني اميدوارن کي رد ڪرڻ جي حوالي سان خاص خانو شامل ڪيو وڃي، جيڪڏهن ڪنهن به تڪ ۾ ان خاني تي نشان لڳائيندڙ ووٽرن جو انگ ڪل ووٽن کان وڌيڪ ٿي وڃي ته ان تڪ جا نتيجا رد ڪيا وڃن، اليڪشن ڪميشن جي ذريعن تصديق ڪئي آهي ته پارلياماني ڪميٽي اها تجويز هڪ ئي ڌڪ ۾ رد ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ لاڳو چونڊ نظام اها ترميم نه ٿو سهي سگهي.001
No comments:
Post a Comment