Tuesday, 24 May 2016

ميون جو بادشاهه انب مارڪيٽ ۾ پهچي ويو، اگهه چوٽ چڙهيل

ميون جو بادشاهه انب مارڪيٽ ۾ پهچي ويو، اگهه چوٽ چڙهيل

ميرپورخاص : پاڪستان دنيا ۾ زرعي لحاظ سان اهم ملڪ ليکيو وڃي ٿو. جڏهن ته ان جو اهم زرعي صوبو سنڌ ان حوالي سان پنهنجو مٽ پاڻ آهي.ڪڻڪ، چانور، داليون، ڪپهه، زيتون، انب، چيڪو، چڪندر، ٽماٽا، گوار مطلب ته اناج، ميوا ۽ ڀاڄين سميت انيڪ زرعي ڀاڄيون سنڌ جي زمين تي ڦُٽن ٿيون، جيڪي اسانجي پيٽ جي بک مٽائڻ سميت وڻج واپار جي ذريعي فائدو پڻ رسائين ٿيون . جيئن جيئن فصل وڌي ٿو تيئن تيئن هاريءَ سان گڏ آبادگار جي به خوشي وڌي ٿي ۽ هاري ۽ آبادگار سان گڏ زرعي مارڪيٽ سان لاڳاپيل سمورن فردن جي خوشين ۾ اضافو ٿئي ٿو. اهو ان ڪري جو سنڌ زرعي سماج هئڻ ڪري هِتان جي واسين جي خوشي ۽ خريد فصل سان سلهاڙيل هجي ٿي.”انب“ کي ميون جو بادشاهه سڏيو ويندو آهي . هندستان ۽ پاڪستان ۾ انب گھڻو ڪري هر هنڌ ٿئي ٿو پر سنڌ ۾ خاص ڪري انبن جي پيداوار تمام گھڻي ٿيندي آهي انهي ڪري انب کي سنڌ جي سوکڙي طور سڃاتو ويندو آهي جڏهن ته سنڌ جي ميرپورخاص واري ضلعي ۾ ٿيندڙ انب جو وري الڳ پنهنجو معيار ۽ ذائقو ٿيندو آهي تاريخي ڄاڻ مطابق انب سريلنڪا مان هندستان آندو ويو بعد ۾ هندستان ۾ انب گھڻا پوکيا ويا ۽ نوان قسم حاصل ڪري بهترين پيدوار حاصل ڪرڻ جا نوان طريقا به استعمال ڪيا ويا هندستان ۾ بمبئي . بنارس ۽ حيدرآباد دکن جا انب تمام مشهور آهن ۽ چون ٿا ته اتي ڪن علائقن ۾ وري اهڙا به وڻ موجود آهن جيڪي سڄو سال ميوو ڏيندا آهن جڏهن ته هن وقت سنڌ ۾ به ڪن جاين تي اهڙا وڻ نظر اچن ٿا جن ۾ سڄو سال انب لڳل نظر ايندا آهن. تاريخ ۾ ڄاڻايل آهي ته 4000 سال (ق .م) هندستان ۾ انبن جي پوکي موجود هئي انب کي فارسي ۾ ”انبه“ هندي ۾ ”آم“ ۽ انگريزي ۾ Mango چئبو آهي. هن وقت انب پاڪستان، هندستان، سريلنڪا، ملائيشيا، چائنا، آمريڪا، ميڪسيڪو. ٿائيلينڊ، جاوا، مصر، برما، فلپائن، نائيجيريا، سوڊان، برازيل، انڊنيشيا، ڏکڻ آفريڪا ۽ آسٽريليا سميت ٻين ملڪن ۾ پوکيا وڃن ٿا. عام طور تي انب جي وڻ ۾ پهرين ٻور ٿيندو آهي پوءِ سنهيون انبڙيون لڳنديون جيڪي بعد ۾ وڏيون ٿينديون آهن . ۽ جڏهن وڌي انب جيڏيون ٿي وينديون آهن ته باغائي ڪچين انبڙين کي پچائڻ لاءِ پال وجھندا آهن چئن پنجن ڏينهن بعد اهي پچي ويندا آهن جنهن بعد مارڪيٽ م وڪرو ٿيندا آهن سيزن جي شروعات ۽ آخري وارن ڏينهن ۾ انب جو اگھه آسمان سان ڳالهيون ڪندو آهن ان وقت انب 200 کان 300 روپيه ڪلو تائين به وڪرو ٿيندو آهي ۽ غريب جي پهچ کان چوٽ جڙهيل هوندو آهي پر انب گھڻو اچڻ سب واپاري اگھه به گھٽ ڪندا آهن ۽ پوءِ انب 50 کان سئو روپيه ڪلو گرام وڪرو ٿيندو آهي ۽ انهن ڏينهن ۾ غريب به انبن جا خوب مزا ماڻيندا آهن انب جو مزاج مٺو ۽ تاثير گرم ٿيندي آهي جڏهن ته انبڙي کٽي ٿيندي آهي جنهن مان چٽڻي، امچور ۽ آچار ٺاهيا ويندا آهن جڏهن ته مٺن انبڙين مان حلوو ۽ مربو ٺاهيو ويندو آهي هن وقت انب پال وجھڻ جاڪيترائي طريقا نڪري پيا آهن پر عام طور تي انبڙيون ڪاٺ جي پتين ۾ وجھي ڪارپيٽ ذريعي انب پچايا ويندا آهن انبن جي سيزن شروع ٿيندي ئي ميرپورخاص جي فروٽ منڊي ۾ 24 ڪلاڪ ئي رش نظر ايندي آهي ۽ سڄي ملڪ مان واپاري هتي ترسيل هوندا آهن اهڙي ريت پيتيون ٺاهڻ ۽ لوڊنگ ڪرڻ وارن ڪيترن ئي غريب مزدورن جو روزگار پڻ شروع ٿي ويندو آهي.

No comments:

Post a Comment